مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڪچي جي ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ گوليون ھڻي قتل ڪيل پيرسن دلدار علي لغاري واري واقعي جو ڪيس 8 ڄڻن خلاف مقتول جي ڀائيٽي آصف علي لغاري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ رحيم بخش، بخشل، قلب علي، بشير، نظير، منور علي، رضا حسين، ڍولڻ عرف راجو لغاري کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي موجب جوابدارن سان اڳ ۾ زرعي زمين جي مالڪي تان جھيڙو ھلندڙ آھي ۽ اھڙا ڪيس پڻ ھڪٻئي خلاف داخل ڪرايل آھن، ڄاڻايل جوابدارن چاچي کي گوليون ھڻي قتل ڪيو، ھوڏانھن پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، ٻئي پاسي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جو چوڻ آھي پيرسن دلدار علي لغاري کي اسان قتل ناھي ڪيو، ھو ڪافي وقت کان بيماري جي بستري ڀيڙو ھو، هن کي پنهنجن خود گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، جنھن جي انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.