شڪارپور(رپورٽر) اڳوڻي ايس ايس پي ڪامران نواز پنجوٺا جي رپورٽ ۾ جن سردارن جو نالو آيو آهن انهن کي اميد آهي ته ڪامران نواز پنهنجو موقف تبديل ڪندو ان ڪري انهن فوري طور تي ڪو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽ تي رد عمل لاءِ جڏهن پنهنجي اخبار پاران رابطا ڪيا ويا ته ڪجهه ماڻهن نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اسان کي اميد آهي ته ڪامران نواز ٻن ڏينهن اندر هن رپورٽ بابت پنهنجو موقف ڏيندو جنهن سان اسان تي الزام ختم به ٿي سگهن ٿا ان ڪري في الحال اسان ڪو به موقف نه پيا ڏيون.