شڪارپور: شڪارپور ضلعي اندر 30 کان وڌيڪ برادرين جي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرارن جي ڪري 300 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، انهن ۾ ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڪرن ٿاڻي جي حد ۾ عبدالنبي مهر جي زمين تي خروسن پاران قبضي ڪرڻ تان شروع ٿيل خروسن ۽ اوڍن جي تڪرار ۾ 20 ماڻھو، دلاور معرفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سالارو معرفاڻي ۽ ڏيول قمبراڻي ۾ ويڙھ ۾ 118 کان وڌيڪ، تيغاڻي- بجاراڻي تڪرار ۾ 44، بروهي- ڪاڪيپوٽا تڪرار ۾ 15 کان مٿي،شر برادري جي ٻن ڌرين جي جيهڙي ۾ 11 عورتن سميت 32 کان وڌيڪ، سڌاين ۽ ڏاهاڻين ۾ چوري معاملي تان ويڙھ ۾ 33 ماڻھو، پنهور ۽ بروهي برادري ڌرين ۾ تڪرار سبب 10 ماڻھو، جتوئي برادري جي ٻن ڌرين جي تڪرار ۾ عورتن سميت 13 کان وڌيڪ، ميان صاحب ٿاڻي جي حد ۾ شر- ڪيهر تڪرار ۾ 25 ڄڻا مارجي چڪا آهن. رستم ٿاڻي جي حد ٻورڙي ڳوٺ ۾ سيٺار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب 5 ماڻھو مارجي چڪا آھن.