شڪارپور: گذريل ڪيتري عرصي کان ضلعي اندر ڪارنهن معاملي، سرڪاري زمين جي مالڪي، چوري ۽ ٻين معاملن تان شروع ٿيل خوني جهيڙن ۾ مارجي ويل ماڻھن ۽ زخمين جا ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ھڪ ھزار ڇھه سو کان وڌيڪ ماڻھن خلاف ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس 2 سئو ماڻھو به گرفتار ڪري ناهي سگهي ۽ اڪثر ڌريون ٺھي وڃڻ باوجود سندن مٿان اڃا تائين ڪيس هلندڙ آھن جيڪي عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. ضلعي جي پوليس انتظاميا جهيڙيندڙ ڌرين اڳيان مڪمل طور بيوس ۽ لاچار بڻيل آھي.