اوپن اي آءِ ڇڏڻ وارو مامرو، ڪمپني ايلون مسڪ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0
39
اوپن اي آءِ ڇڏڻ وارو مامرو، ڪمپني ايلون مسڪ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

 پهرئين مارچ 2024ع تي ٽيسلا جي چيف ايگزيڪٽيو ايلون مسڪ چيٽ جي پي ٽي تيار ڪندڙ ڪمپني اوپن اي آءِ خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

ان ڪيس ۾ ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي هئي ته اوپن اي آءِ کي غير منافعي بخش بنيادن تي ڪم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو پر سام آلٽمين ۽ ڪمپني ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

هاڻ ان ڏس ۾ اوپن اي آءِ جو ردعمل سامهون آيو آهي.

هڪ بلاگ پوسٽ ۾ اوپن اي آءِ طرفان ايلون مسڪ جا سمورا الزام رد ڪيا ويا ۽ ٻڌايو ويو ته ٽيسلا جي چيف ايگزيڪٽيو ڪمپني ڇو ڇڏي هئي.

واضح رهي ته ايلون مسڪ 2015ع ۾ سام آلٽمين ۽ گريگ بروڪ مين سان گڏجي اوپن اي آءِ جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو.

پر 2018ع ۾ ايلون مسڪ اوپن اي آءِ کان اِهو چئي ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ته اي آءِ ٽيڪنالوجي جوهري هٿيارن کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

اوپن اي آءِ موجب، ايلون مسڪ سندن ڪمپني کي ٽيسلا جو حصو بڻائڻ چاهي پيو يا ٻي صورت ۾ چيف ايگزيڪٽيو بڻجي ڪمپني تي مڪمل ڪنٽرول چاهي پيو.

بلاگ پوسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان منافعو حاصل ڪرڻ لاءِ ايلون مسڪ جي اصولن تي متفق نه هئاسين ڇاڪاڻ ته اسان کي لڳو ته ڪنهن فرد کي اوپن اي آءِ جو مڪمل ڪنٽرول ڏيڻ اسان جي مشن جي ابتڙ آهي.

ايلون مسڪ پنهنجي ڪيس ۾ اِهو به چيو هو ته هاڻي اِها ڪمپني دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالوجي ڪمپني مائيڪرو سافٽ جي ماتحت ڪم ڪري رهي آهي.

اهڙي ريت سندس چوڻ هو ته اوپن اي آءِ سندس طرفان ڪمپني کي قائم ڪرڻ دوران ڪيل بنيادي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.

ايلون مسڪ جنهن معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڳالهه ڪئي، اِهو اڃا تائين عوام جي آڏو ناهي آيو ۽ اوپن اي آءِ جي بلاگ ۾ به ان بابت تفصيل ناهن ڄاڻايا ويا.

اوپن اي آءِ طرفان اوپن سورس ڪم نه ڪرڻ واري فيصلي جو دفاع پڻ ڪيو ويو.

بلاگ پوسٽ موجب، ايلون مسڪ ان ڳالهه تي متفق هو ته ڪمپني تحت آرٽيفيشل جنرل انٽيليجنس ( اي جي آءِ ) ٽيڪنالوجي تي اوپن سورس ڪم نه ڪيو ويندو.

اوپن اي آءِ ايلون مسڪ جي 2016 ۾ لکيل هڪ اي ميل جو اسڪرين شاٽ به جاري ڪيو جنهن ۾ ڪمپني جي هڪ شريڪ باني Ilya Sutskever چيو هو ته ” هن وقت جڏهن اسان اي آءِ جي تياري جي ويجهو آهيون، اِها ڳالهه وڌيڪ بهتر لڳي ٿي ته ان ڪم کي وڌيڪ اوپن نه ڪيو وڃي“ .

ان اي ميل جي جواب ۾ ايلون مسڪ ” ها“ لکيو هو.

بلاگ پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن ايلون مسڪ کي اوپن اي آءِ ۾ پنهنجي پسند جي پوزيشن نه ملي ته هن ٽيسلا اندر اي جي آءِ ٽيڪنالوجي تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪمپني ڇڏي ڏني.

ياد رهي ته ايلون مسڪ 2023ع ۾ پنهنجو اي آءِ پروجيڪٽ متعارف ڪرايو هو.