ورهين جو انتظار ختم، واٽس ايپ ۾ انتهائي دلچسپ فيچر متعارف

0
29
ورهين جو انتظار ختم، واٽس ايپ ۾ انتهائي دلچسپ فيچر متعارف

واٽس ايپ طرفان مخالف ايپس کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ هر مهيني نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن، اهڙو ئي هڪ نئون فيچر واهپيدارن کي جلد دستياب هوندو جنهن جي مدد سان هو پنهنجون تصويروم اسٽيڪرن ۾ بدلائي سگهندا.

پيغام رسائيندڙ ايپ جي اَپ ڊيٽ تي نظر رکندڙ سائيٽ ويب بيٽا انفو موجب، اينڊرائيڊ ڊيوائسز لاءِ ايپ جي بيٽا ورجن ۾ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.

واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ اسٽيڪرز وارو فيچر سڀ کان پهريان 2018ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

ان کانپوءِ واٽس ايپ جي ملڪيت ميسجنگ ايپ ۾ انيميٽڊ اسٽيڪرن جو وڌارو ڪيو ويو هو، پر هنيئر تائين اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ تصويرن مان اسٽيڪرن جي تياري ممڪن نه هئي پر جلد هو اِهو فيچر استعمال ڪري سگهندا.

ان مقصد لاءِ واٽس ايپ ۾ اسٽيڪر ميڪر جو اضافو ڪيو ويندو ته جيئن پنهنجي پسند جون تصويرن کي اسٽيڪرن ۾ تبديل ڪري سگهن.

رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي اسٽيڪر مينيو ۾ هڪ نئين Create ٽيب جو واڌرو ڪيو ويندو ته جيئن اوهان فوري طور فون ۾ موجود ڪنهن به تصوير تائين پهچ حاصل ڪري ان کي اسٽيڪر ۾ تبديل ڪري سگهو.

رپورٽ موجب، ان فيچر تحت ڪنهن واٽس ايپ چيٽ ۾ موجود تصويرن کي به اسٽيڪر ۾ بدلائڻ ممڪن هوندو.

ان لاءِ چيٽ ۾ موجود تصوير تي ڪلڪ ڪري مٿي ساڄي پاسي نيو Create اسٽيڪر واري آپشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو.

جڏهن اوهان ڪنهن اسٽيڪر کي چيٽ ۾ سينڊ ڪندئو ته ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان اينڊرائيڊ فيورٽس ۽ ايڊٽ اسٽيڪر جا نالي سان ٻه آپشن نظر ايندا.

ايڊ ٽو فيورٽس تي ڪلڪ ڪرڻ تي اوهان ان اسٽيڪر تائين مستقبل ۾ سولائي سان رسائي حاصل ڪري سگهندئو جڏهن ته ايڊٽ اسٽيڪر واري آپشن سان اميج ايڊيٽر اوپن ٿي ويندو.

ياد رهي ته اِهو فيچر آءِ او ايس ڊيوائسز ۾ جنوري 2024ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ اينڊرائيڊ واهپيدارن تائين ان جي پهچ رولڙي جو شڪار هئي.

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اِهو فيچر فلحال بيٽا ورجن ۾ پيش ڪيو ويو آهي انڪري اِهو ٻڌائڻ مشڪل آهي ته ڪيستائين اِهو سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.