ڪميشن حق آھي ڇا؟‎

 

ھڪ فقير سيٺ کان خيرات گھري، سيٺ چيس فقير معاف ڪر، سو فقير ٿڪل ھو، سيٺ جي دڪان جي ڀرسان ويھي رھيو، فقير اتي مليل سڪا ڳڻڻ لڳو، ايتري ۾ سيٺ به شغل طور سندس پاسي ۾ ويھي پڇڻ لڳو فقير روز گھڻا پئسا ملندا اٿئي؟ فقير چيس ته معاف ڪر چوڻ وارا بي حياءَ نه ھجن ته ھزار رپيا روز ملي پون. مھانگائي به ڪميشن خور بي حياءَ ماڻھن جي ڪري ويتر وڌي وئي آھي، نه ته ڪم ايترا ڏکيا به ناھن، اھي ڪميشن خور ھروڀرو وچ ۾ اچي  ٽپا ڏيندا آھن. اوھان کي ڳالھين ۾ اھڙو لاھيندا جو اوھان سمجھندا ته ھن کان سواءِ ھي ڪم ناممڪن آھي، اھي ڪميشن خور پنھنجي ڪميشن جي چڪر ۾ توھان  جي کل لاھرايو ڇڏيندا آهن. ھا ادا توھان کي ڪم ڪرائڻو آھي، سامان کپندو، ھل ٻٽي دڪانن تان اگھه ٿا پڇون پوءِ توھان کي جتان وڻي اتان سامان وٺجو. توھان سان ھلي پنھنجو منھن دڪاندارن کي ڏيکاريو ڇڏين پوءِ وري دڪاندارن سان ملندا، چوندا آهن ته سيٺ گراھڪ مون موڪليو ھو، منھنجي ڪميشن ڏي، نه ڏنائين ته سامان مان ڪيڙا نڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا، دنياداري سمجھي اھو رواج نڪري پيو آھي. ادا ڪميشن ته ھن جو حق آھي، تنقيد حڪمرانن تي ٿا ڪريون، پر موقعو ڪير نٿو ڇڏي، ماڻھو حق حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ عار ٿا محسوس ڪن پر ٻه نمبري سان ڪمايل پئسن کي پنھنجي ھوشياري ڏاھپ ٿا سمجھن. اھي ڪميشن خور ھر جاءِ ھر واپار ۾ ملندا، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکيو بيٺا ھوندا آھن، ايترو ڪمائيندا آھن جو ڪجھ سالن کان پوءِ سندن ڏيک ئي تبديل ٿيو وڃي، ڏسجڻ ۾ شريف سکيا ستابا نظر ايندا آھن پر پئسن جي معاملي ۾ انتھائي ڪريل ۽ بي حياءَ ھوندا آھن.

 

الھڏنو راھمون/ سجاول

 

پاڪستاني سياست ۾ اقتداري سهڪار!

 

پاڪستان جي سياست ۽ اقتداري سهڪار ٻڌائي ٿي ته اسان جي ملڪ جي سياست هڪ نئون رخ اختيار ڪيو آھي، يپلزپارٽيءَ جي قيادت جي سهڪار سان نواز ليگ جو اميدوار وزيراعظم ٿئي ۽ نواز ليگ قيادت جي سهڪار سان ملڪ جو صدر پيپلز پارتيءَ جو ٿيو آھي. اها ڳالھ ملڪي سياست جي تاريخ جو حيرت انگريز موڙ چئجي ته منهنجي خيال ۾ غلط نه ٿيندو؟ عربي ٻوليءَ جي چوڻي آھي ته (قران سعدين) معنيٰ ٻن مخالف قوتن جو ميلاپ، اسان جي ملڪ جي اقتداري ۽ سياسي سهڪار ان چوڻيءَ جو چٽو ثبوت ڄڻ ته ٿي بيٺو آھي، هونئن به اسان جي ملڪ جي جيڪا سياسي ۽ معاشي صورتحال آھي ان ۾ اهڙي قسم جو اتحاد، سهڪار ئي ملڪ جي مجموعي مسئلن جو حل ڪڍي سگهي ٿو. دنيا جا ڪيترائي ملڪ يا قومون آھن جن پنهنجي ملڪي ۽ قومي توڙي ادارتي بحرانن جو حل پاڻ ۾ گڏيل سهڪار ۾ حل سمجهيو ۽ پاڻ ۾ اختلاف هوندي به ملڪ جون سياسي ۽ حڪومتي قوتون هڪ ٿي ويون. اڄ اهي ملڪ ۽ قومون دنيا ۾ ترقي يافتا ملڪ سڏائن پيون، ان ڪري هاڻي اسان جي مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادتن تي اهو لازمي طور فرض ٿو ٿئي ته ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ قومي فرض سمجهي ايئن ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيئن هنن پاڻ ۾ حڪومتي اتحاد قائم ڪري ملڪ جي سياسي ۽ حڪومتي تاريخ کي هڪ نئون رخ ڏئي تاريخ جوڙي ورتي آھي، ان لاءِ ٻنهي قيادتن کي گڏجي قوم، رياست ۽ ادارن کي هڪ رستي تي آڻڻ لاءِ قدم اڳتي وڌائڻا پوندا. جنهن سان اسان پهنجي ملڪ ۽ ادارن جو پوري دنيا ۾ ساک بحال ڪري سگهون، هن وقت ملڪ جي سياست ۽ حڪومت جو وڏو تجربو رکندڙ آصف علي زرداري جيڪو پڻ ملڪ جو صدر چونڊجي ايوان صدر پهچي چڪو آھي، ميان محمد نواز شريف ملڪي سياست ۽ اقتداري رمزن کان تمام ڀلو واقف آھي ۽ سندس ڀاءُ ملڪ جو وزيراعظم آھي ته سندس پارٽي قيادت ۾ سندس سياسي جانشين نياڻي مريم نواز پنجاب جي وزيراعليٰ پڻ آھي جيڪا ملڪي تاريخ جي ۽ پنجاب جي تاريخ جي پهرين عورت صوبي جي وڏ وزارت تي آئي آھي. ان سموري بهتر صوتحال ۾ لازمي ٿو ٿئي ته جيئن پيپلز پارٽي قيادت ۽ نواز ليگ قيادت پاڻ ۾ سياسي ۽ اقتداري سهڪار رکيو آھي تيئن ئي ملڪ جي ٻين سياسي گروپس ايتري قدر جو پي ٽي آءِ کي به سهڪار ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ کپي، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي جهيڙا ذاتيات ۽ ڪردار ڪشيءَ تائين پهتا آھن، جنهن ڪري ملڪ ۾ جتي هميشه سياسي صورتحال غير يقينيءَ جو شڪار رهي آھي، اتي حڪومتي استحڪام سواليه نشان تي پڻ رهيو آھي. انڪري ملڪ جي هن بحراني ڪيفيت ۾ ملڪ جي ٻين سياسي قوتن ايتري قدر جو پاڻ عمران خان کي به جهڪاءَ کان ڪم وٺڻو پوندو جيئن ملڪ سياسي غير يقينيءَ مان ۽ ادارتي بحرانن مان ٻاهر نڪري اچي. هن ملڪ جي حڪومتي نئين جڙندڙ صورتحال ۾ صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ ۾ وڌيڪ ان اميد سان يقين ڪيون ٿا ته سندس سياسي طور مفاهمت واري پاليسيءَ جي بنياد تي سياسي ڪردار لچڪدار رهيو اٿس، جنهن سبب ملڪ جي تاريخ جي اقتداري رڪارڊ جو واحد صدر پاڪستان آھي، جنهن پهريون مدو پورو ڪري اڄ وري ايوان صدر ۾ صدارت جي ڪرسي حاصل ڪري ورتي آھي. اها ڳالھ ڪرڻ ۾به ڪو غلط نه ٿيندو ته عمران خان جو اقتدار ۾ اچڻ اڃان وڌيڪ ملڪي ۽ اداري بحران سان گڏ آئيني بحران جنم وٺن ها. مثالطور عمران خان جو اقتدار ۾ اچڻ سان ارڙهين ترميم کي خطرو هو ته هو ان کي واپس ڪرائي سگهيو پئي، ان کان سواءِ به جيڪي قانوني ترميمون آھن جيڪي پائيپ لائين ۾ آھن سي به مونجھارن ۾ آڻي پئي سگهيو. هاڻي آصف زرداري جي صدر پاڪستان ٿيڻ سان جتي اها اميد رکي چئجي ته ارڙهين ترميم کان سواءِ ٻين پائيپ لائين ۾ پيل قانوني ترميمن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، اتي مٿس فرض به آهي ته آصف زرداري صدر جي حيثيت سان بهتر ڪرڻ کپي، ڇو ته مسلم ليگ نواز جهڙي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي اقتداري سهڪاري پڻ اٿس، ان لاءِ اڄ جون حالتون ملڪي بهتريءَ لاءِ انتهائي مناسب ۽ موزون پڻ آھن، جنهن ڪري سياسي توڙي معاشي مسئلن جي استحڪام توڙي ادارتي بهتريءَ لاءِ هنن حالتن کان وڌيڪ ڪو ٻيو وقت شايد ڪونه ٿيندو. ايئن چئجي ته هن وقت هنن ٻنهي مخالف قوتن جي ميلاپ سبب ملڪ مان سياسي رساڪشي، انارڪي ۽ معاشي ابتري ختم ٿيندي ته غلط نه ٿيندو. هن صورتحال ۽ سياسي توڙي اقتداري سهڪار سبب ملڪ کي يونيفائيڊ پاليسيز ملنديون ۽ هي پڻ هڪ تاريخي عمل آھي، پاڪستان جي سياسي توڙي اقتداري پسمنظر ۾ پهريون ڀيرو عمل ٿيو آھي ته ملڪ جن ٻه وڏيون پارٽيون سياسي ۽ حڪومتي اتحادي ٿيون آھن.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

سنڌ ۾سيد گروپ بازي کٽڻ ۾ ڪامياب ويو!

 

سنڌ ۾ وڏ وزارت حوالي سان سيد گروپ به پنهنجي بازي کٽڻ ۾ ڪامياب ويو، دادو وارو سيد مراد شاهه به ٽيون ڀيرو وڏو وزير بڻجي چڪو آهي، ان جو والد سيد عبدالله شاهه به 1995 ۾ بينظير ڀٽو دور ۾ صوبي جو وڏو وزير هو ۽ خيرپور سان تعلق رکندڙ سيد قائم علي شاهه به سنڌ جو وڏو وزير رهندو آيو آهي، جنهن جي پيدائش 23 سيپٽمبر 1933 آهي جيڪو پوڙهائپ سبب گهڻيون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ فعال ناهي پر ڳالهه ڪجي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي جنهن پنهنجي پڦي کي ڇڏي ٽيون ڀيرو دادو واري سائين کي وزيراعليٰ بڻائي پارٽي تي پنهنجي مضبوط گرفت جو احساس ڏياريو آهي، جنهن ڳالهه مان صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ جيالا اتحادي وغيره خوش آهن ۽ پنهنجي پارٽي چيئرمين جي ڪيل فيصلي ۽ ڳالهه جي ساراهه ڪندا وتن پيا جي پ پ چيئرمين چاهي ها ته ان جي پڦي فريال ٽالپر به هن ڀيري وزيراعليٰ سنڌ بڻجي ها پر ان مٽي مائٽي وغيره مقدم رکڻ بجاءِ پارٽي ۽ صوبي جي مفادن کي اوليت ڏني رشوت ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو، پ پ چيئرمين خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ جيالا ميئر ڏئي اتان جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ زور ڏيندو رهيو آهي، وڏ وزارت واري معاملي کي ڏسجي ته ان ۾ سيد گروپ به هن ڀيري پنهنجي بازي کٽي ورتي آهي، ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سياسي لحاظ کان سيد گهڻا مٿانهان رهندا آيا آهن، جنهن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي سنڌ جو قومپرست سياستدان سائين جي ايم سيد به پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ۾ مسلم ليگ سان وابسته هو، صوبائي ليگ جون چونڊون 13 جون 1943 تي ڪراچي ۾ ٿيون جن چونڊن ۾ لاڙڪاڻي کان ايوب کهڙو گروپ ۽ سيد گروپ هڪ ٻئي جي مدمقابل ها جنهن رساڪشي دوران قائداعظم محمد علي جناح جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي جو دورو ڪيو، جنهن هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن صوبائي وزير کي ليگ جي صدر جو عهدو نه ڏنو وڃي، ايوب کهڙو کي وزير هجڻ ناتي هٿ کڻڻو پيو هو ۽ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ ڪائونسل اجلاس ۾ صدر چونڊجي ويو هو، ان کان پهريان 03 مارچ 1943 تي جي ايم سيد قانون ساز اسيمبلي اجلاس ۾ پاڪستان جي حمايت ۾ ٺاهه منظور ڪرائي چڪو هو، جنهن ٺاهه ۾ چيو ويو ته ڀارتي مسلمانن لاءِ اهڙو ڪو آئين قابل قبول نه هوندو جنهن ذريعي مسلمان ڪنهن ٻي قوم جي غلبي هيٺ مرڪزي حڪومت ماتحت هجن، اهو ڪجهه ڀارتي مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته انهن لاءِ پنهنجي آزاد رياست هجي ان لاءِ ڀارت جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تابع ڪرڻ جي ڪوشش جو نتيجو ناخوشگوار هوندو، هن وقت ڪراچي جي ڪيفيت ساڳي آهي جتي اڪثريت 1947 ۾ ڀارت ۽ ان کان بعد مختلف ملڪن علائقن کان نقل مقاني ڪرڻ وارن جي آهي هن ڀيري پ پ چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جي سادي اڪثريت اڪيلي حاصل ڪئي آهي، جنهن کي ايم ڪيو ايم سان گڏجڻ جي ضرورت ناهي، مطلب ته پ پ اڪيلي سر اڏامڻ واري صلاحيت ۽ طاقت هن وقت پنهنجي سر پاڻ رکي ٿي ۽ جنهن جي صوبي ۾ حڪومت هلي رهي آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

ڳڙھي حسن ۽ آسپاس تباھ ٿيل امن!

 

سب ڊويزن ڳڙھي حسن ۾ ڇھ ٿاڻا آھن، ڳڙھي حسن، دلمراد کوسو، ڪريم بخش کوسو، آرڊي 52 عبدالله سرڪي، آرڊي 44 ۽ باهو کوسو شامل آھن، انهن سڀني ٿاڻن جي حدن ۾ هر روز هڪ نه هڪ واردات جو ڪو واقعو يا ڪو وڏو ڏوهه ٿيندو رهندو آھي پر اُتان جا پوليس ۽ ايس ايڇ اوز ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار نظر اچي رهيا آھن، خبر ناهي ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا گذريل 3 ڏيهن اڳ هڪ مال جو واپاري رات 7 وڳي دوڙ کان گهر وڃي رهيو ھو، باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالقادر بروهي جي ڀرسان بولاڪلر ۾ ڌاڙيلن پاران موٽرسائيڪل ڦُر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي جاويد بگٽي کي گولي هڻي شھيد ڪري ڇڏيو آھي، ساڳيو ئي رات ڳوٺ حاجي محمد يوسف ڀرسان چور هڪ پورهيت جي گهر ۾ گهڙي پورهيت جي مٿان پسٽول رکي ڏاندن جي جوڙي گاهي فرار ٿي ويا، ڀاڳين جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ۽ هن علائقي ۾ هڪ هفتي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڏوهه رپورٽ ٿي چڪا آهن، هي ڏوهه انهن ٿاڻن جي حدن ۾ ڪيا ويا آهن پر پوليس وڌندڙ ڏوهن کي ڪنٽرول نٿڍي ڪري سگهي پر اتان جا رهواسي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي نوٽيس وٺي علائقي جو امن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن

 

ڀلاري مهيني کي ڪمائي جو مهينو نه بڻايو!

 

ڀلارو مهينو ايندي ئي منافعي خور واپارين پنهنجا واڳو وارا وات کولي ڇڏيا آهن ۽ عام واهپي وارين شين جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن جنهن جي ڪري غريب ماڻهن لاءِ ته فروٽ، ڀاڄيون ۽ ٻيون روزاني جي استعمال ۾ ايندڙ شيون خواب بڻجي ويون آهن پر حق ۽ حلال ڪمائيندڙ امير به مس وڃي پنهنجي گھر جي پوري ڪري ٿو. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي سي صاحب به سرڪاري لسٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، منافعي خور واپارين پنهنجا هٿ ٺوڪيا اگھه مقرر ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر پاران جاري ڪيل سرڪاري لسٽ جا اگھه به هوا ۾ اڏائي ڇڏيا آهن، اڳ ئي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيل عوام مٿان وري نئين حڪومت هاڻي مهانگائي جو جبل ڪيرائي انهن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي. خدارا غريب عوام تي ڪجھ رحم ڪريو، بنگلن جي اي سيز ۾ افطاري ڪرڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته توهان جي حڪومت ۾ اهڙا مسڪين ماڻهو به آباد آهن جن کي افطاري جي الف جيترو حصو به نصيب نٿو ٿئي ۽ هو پاڻي جي ڍڪ سان افطاري ڪري خدا تعاليٰ جا لک شڪر ادا ڪن ٿا. اهڙن ماڻهن جي بد دعائن کان بچو، نه ته هي توهان جون حڪومتون پنهنجو وقت پورو ڪرڻ کان اڳ ابتيون ٿي وينديون. ڪجھ خدا جو خوف ڪيو ۽ سرڪاري اگھه اهڙا مقرر ڪيو جو امير سان گڏ غريب کي به رليف فراهم ٿي سگھي ۽ هو سولائيءَ سان پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪري سگهن. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊي سي صاحب کي به گهرجي ته سرڪار پاران جاري ڪيل اگھن جي لسٽن تي سختيءَ سان عمل ڪرائين ۽ واڌو اگھه وٺندڙ منافعي خور واپارين خلاف سخت ڪارروايون ڪيون وڃن ته جيئن عوام ٻه ويلا مانيءَ جا سڪون سان کائي سگهي.

 

ساحل عالياڻي/ڍورونارو

ھاڻي عوام جون اميدون پوريون ٿينديون؟

 

سنڌ اسمبلي ۾ ڪجھ نوان ۽ اڪثريت پراڻن چھرن جي آھي، خير سان نو رڪني وزارتن جا قلمدان سونپيا ويا آھن، جيڪي اھم وزارتون آھن، تقربين گذريل دور وارن ساڳين ئي وزيرن کي ساڳيون وزارتون مليون آھن، ڪجھ ڦيرڦار ڪئي وئي آھي، ڪجھ ضلعن کي وزارتن کان نظرانداز به ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، گذريل دور جو جائزو وٺنداسين ته ترقياتي ڪم نه ٿيا ھئا، ھن وقت سنڌ جي روڊن جي خراب صورتحال آھي، تعليم جا نوان ادارا کوليا ويا ھئا پر اتي سھولتون نه آھن، انھن تعليمي ادارن ۾ سھولتون ڏنيون وڃن جيئن تعليم جي معيار ۾ بھتري اچي سگھي. سنڌ جي تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر کي بلڪل ختم ڪيو وڃي، بورڊ مافيا سفارش پئسن تي مارڪون وٺڻ کي بلڪل ختم ڪيو وڃي. ميرٽ کي بحال ڪيو وڃي، ميڊيڪل ۾ جيئن ستياناس ٿيو وري اھڙي قسم جي پيپر ليڪ ۽ ڏيتي ليتي جي بنياد تي ڊاڪٽر ٿي وڃڻ کي بند ڪيو وڃي. صحت جا نوان ادارا کوليا وڃن، نيون اسپتالون کوليون وڃن. آبادي کي نظر ۾ رکندي صحت جا مرڪز کوليا وڃن، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر صحيح ڊيوٽيون نه پيا ڪن، خانگي ميڊيڪل اسٽورن تي سرڪاري دوائون وڪرو ٿين ٿيون، سرڪاري سطح تي ميڊيڪل اسٽور کوليا وڃن، جيڪي مناسب اگھ تي سرڪاري گھٽ اگھ تي دوائون ماڻھن کي ڏين، سرڪاري سطح تي ھر ضلعي ۾ ۽ ضلعي جي تعلقن ۾ کوليا وڃن. سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻھن کي سڀ دوائون ملڻ گھرجن، گذريل دور ۾ ڪجھ صحت مرڪز کوليا ويا آھن اهي آباديءَ جي لحاظ کان نه هجڻ جي برابر آھن. صحت بنيادي ضرورتن مان بنيادي ضرورت آھي، زراعت تباھ آھي، کاتيدارن کي پئسا ملن ٿا، زرعي ٻج، ڀاڻ تمام گھڻو مھانگو آھي، انھن کي 42 يا 75 ھزار ڪجھ به نه آھي، انھن پئسن مان 3 ھزار بئنڪ وارا کٽوتي ڪن ٿا، نوان تسليم ٿيل ٻج متعارف ڪرايا وڃن، ريسرچ جا نوان ادارا کوليا وڃن، زرعي ٻج ۽ ڀاڻ جيئن پنجاب صوبي ۾ ملي ٿو ان ساڳئي اگھ ۾ سنڌ ۾ آبادگارن کي ڏنو وڃي. اٽي جي اگھ تي ضابطو آندو وڃي. آبپاشي کاتو بلڪل به گذريل دور ۾ زيرو ڪارڪردگي رھي آھي، ھن وقت موجوده وزير کي واھن جي ڪپن تي وڻ لڳايا وڃن، واھن، درياهن جي کاٽي ڪرائي وڃي، بيلدارن ۽ عملدارن کي ڊيوٽي ڪرڻ تي پابند ڪيو وڃي. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، غريب ماڻهن کان موٽرسائيڪل کسجي وڃن ٿيون. ڌاڙيل ماڻھن کي اغوا ڪن ٿا، ڏوھن تي ضابطو آندو وڃي، موجوده سنڌ جي نئين ڪابينا کي مھانگائي سان گڏ روزگار، تعليم، صحت، مٺي پاڻي جون اسڪيمون ۽ سنڌ جي وسيلن اثاثن جي به مالڪي ڪرڻ گھرجي، ڌارين جي آبادڪاريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قانونسازي گھربل قدم کڻڻ گھرجن.

 

شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

سيوھڻ سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر جو ظلم!

 

سنڌ ۾ اڪثر سرڪاري اسپتالن جا لکين رپيا پگھارون کڻندڙ ڊاڪٽر اسپتالن کي ڇڏي پنهنجون خانگي اسپتالون کولي ويٺا آهن ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سندن مريضن سان ناروا سلوڪ ۽ بيڌياني جا چرچا عام جام آهن، گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير پاران والد جي نالي سان سيوھڻ ۾ قائم ڪيل عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيوٽ ۾ ڀان سعيد آباد واسي محمد امين ڀنڊ، سيوھڻ اسپتال پنهنجي 11 مھينن جي معصوم نياڻي سيريس حالت ۾ کڻي پھتو ته سندس تذليل ٿي، ان سلسلي ۾ محمد امين دانھيندي چيو ته منهنجي 11 ڏينھن جي تازو ڄاول معصوم نياڻي جا ھٿ پير ۽ اکيون ڦري رھيون ھيون ته نازڪ حالت ۾ سيوھڻ اسپتال پھتس ته اتي ڊاڪٽر سان ملڻ نه ڏنو ويو ۽ گارڊ ملڻ کان انڪار ڪندي غنڊاگردي ڪئي، نيٺ نياڻي جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ڏسي ڪوشش ڪري ڊاڪٽر وٽ پھتس ته ڊيوٽي ڊاڪٽر رئوف جمالي منھنجي نياڻي کي ڏسڻ کان انڪار ڪيو ۽ ٻاھر وڃڻ جو حڪم ڪيو، مان ھن اسپتال ۾ احتجاج ڪندي دانھيندي چيو ته مراد شاهه تو ھيءَ ڪھڙي اسپتال ٺاھي آهي ۽ ڪھڙا ماڻھو ظالم ۽ ڪاسائي ويھاريا آهن جيڪي مريضن جو علاج نٿا ڪن پر غنڊاگردي ڪن ٿا ۽ غريبن ۽ مظلوم مريضن کي ڊاڪٽر ڏسڻ لاءِ تيار ناھن، ڇا تو اسان کان ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪري اھي صحت جون سھولتون ڏنيون آهن؟ اوھان دعوائون ڪندا آهيو ته اسان عوام کي ھر ميڊيڪل جي سھولت ڏني آهي پر ھتي ته توھان ڌڪا ۽ ٿاٻا ڏنا آهن، ڪا به علاج جي سھولت ناھي، ھن چيو ته ھيءَ پگھار عوام جي ٽئڪس مان کڻن ٿا، حڪومت ھنن کي پگھارون ڏي ٿي، ھيءَ عوام جي خدمت لاءِ ويٺا آهن پر ان جي نفي ڪن ٿا، ھن چيو ته ڊاڪٽر جمالي ۽ گارڊ مون سان بدتميزي ۽ غنڊاگردي ڪئي آهي، اسان ان اميد تي ٻچا کڻي ٿا اچون ته انهن کي شفا ملي؟ ڇا اسان ھتي ٻچڙا مارائڻ ٿا اچون؟ ڪھڙا غنڊا ڊاڪٽر پاليا اٿو جيڪي غريبن کي ڌڪا ٿا ملن، چون ٿا او پي ڊي ۾ ھليا وڃو پر ايمرجنسي ۾ علاج ناھي، ڪھڙي قانون جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ھنن کي ايمرجنسي ناھي ڪرڻي پر ھنن کي ھر صورت ۾ ايمرجنسي ڪرڻي آهي، ھن چيف جسٽس وڏي وزير سيڪريٽري ھيلٿ ۽ ڊي جي ھيلٿ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڊاڪٽر جي ظلم جي جاچ ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي .

 

عبدالستار ميراڻي/جامع مسجد محلو، راڌڻ