قرض قسط لاءِ ڳالهيون شروع، مهانگائي تي ناراضپو، معاشي سڌارن لاءِ ٽائيم فريم طلب، نوان ٽيڪس لڳايو: آءِ ايم ايف

0
59
قرض قسط لاءِ ڳالهيون شروع، مهانگائي تي ناراضپو، معاشي سڌارن لاءِ ٽائيم فريم طلب، نوان ٽيڪس لڳايو: آءِ ايم ايف
قرض قسط لاءِ ڳالهيون شروع، مهانگائي تي ناراضپو، معاشي سڌارن لاءِ ٽائيم فريم طلب، نوان ٽيڪس لڳايو: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف حڪومت کي قرض ڏيڻ لاءِ وڌيڪ شرط رکي ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون شروع ٿي چڪيون آهن، ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينوفيڪچرر شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ ڊجيٽلائيزيشن تيزي سان مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ورتو آهي. ان کان سواءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ عملي کي استعمال ڪرڻ بدران ٽيڪنالوجي استعمال تي اتفاق ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت پاران آ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.  ڳالهين دوران حڪومتي عملدارن آءِ ايم ايف کي زراعت، دڪانن ۽ ريئل اسٽيٽ تي پورو ٽيڪس وٺڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي

  ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد فرٽيلائزر پلانٽس کي سستي گيس فراهم ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي فرٽيلائزر پلانٽس کي سستي گيس جي فراهمي جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته وفد عالمي مارڪيٽ ۾ ڪميوڊيٽي پرائيس مستحڪم ۽ پاڪستان ۾ نرخ وڌڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد توانائي، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ توانائي واري وزارت جي اختياري گردشي قرض، ٽيرف، آئوٽ لُڪ ۽ ڪاسٽ سائيڊ رفارمز تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ايف بي آر اختيارين ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ ٽيڪس پاليسي، بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ماڻهن، آئوٽ لُڪ ۽ ڊويلپمينٽ، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪسيشن ۽ رٽيلرز لاءِ ٽيڪس ميڪنزم تي بريفنگ ڏني

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينوفيڪچرز شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي به دستاويزي بڻائي ٽيڪس سسٽم ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف وفد جي اسٽيٽ بئنڪ اختيارين سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير، توانائي ۽ ايف بي آر جي عملدارن شرڪت ڪئي،۽ بريفنگ ڏني

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي بجلي ۽ گيس جا گردشي قرض منجمد رکڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس چوري ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف حڪومتي ڊسڪوز جي انتظاميا نجي شعبي کي ڏيڻ جو ٽائيم فريم گهري ورتو آهي، آءِ ايم ايف وڌيڪ نقصانن وارن علائقن ۾ بجلي بل وصولي آئوٽ سورس ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، آءِ ايم ايف ڪيپٽو پاور پلانٽس کي مقامي گيس جي فراهمي بند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومتي شعبي ۾ چئن وڏن پلانٽس کي مڪمل انگن تي هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان کانسواءِ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي

ايف بي آر ذريعن موجب، ڳالهين دوران ٽئڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ عملي بدران ٽيڪنالوجي جو استعمال وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. اختيارين طرفان آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جو ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ايف بي آر هلندڙ مالي سال ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ رئيل اسٽيٽ ۽ ريٽيلرز کان ٽئڪس اوڳاڙي جي خاطري ڪرائي آهي