اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعظم محمد شھباز شريف جي صدارت ھيٺ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ 5 سالا معاشي روڊ ميپ تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ملڪيت معيشت جي ترقي جي لاءِ ايندڙ پنجن سالن جو معاشي روڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مھانگائي ۾ گھٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي فراھمي روڊ ميپ جو حصو آھي. وزير اعظم محمد شھباز شريف اجلاس ۾ ڳالھائيندي چيو ته معيشت جي مختلف شعبن جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز سان ان پلان تي عمل درآمد جي لاءِ مشاورت ڪئي وڃي. وقت ضايع ڪرڻ کان بنا ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ منصوبن تي عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. انھن منصوبن تي عمل درآمد جي حوالي سان شيڊول ٺاھي پيش ڪيو وڃي. زراعت لائيوَ اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پرڏيهي سيڙپڪاري، ننڍي وڏي پئماني تي صنعتن جي ترقي جي استعداد ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزير اعظم چيو ته حڪومتي خرچن کي گھٽ ڪنداسين. غريب عوام جي پئسن کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪي معيشت جي لاءِ استحڪام ڏئي ڪري ان کي ترقي جي رستي تي آڻڻ آھي. ڊجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان معصولات وڌائينداسين. نقصان ۾ ھلندڙ حڪومتي ادارن کي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. وزير اعظم محمد شھباز شريف جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، محمد جھانگزيب، احمد خان چيمه، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزير مملڪت شزا فاطمه خواجه، جھانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ۽ ڪليدي شعبن ۾ مجوزا قدم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاھ ڪيو ويو، اجلاس کي بجلي، زراعت، لائيوَ اسٽاڪ، برآمدي شعبا، ننڍي ۽ وچولي پيماني تي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سرمايه ڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن متعلق بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم لاڳاپيل قدمن متعلق سمورن اسٽيڪ ھولڊرز سان مشاورت ڪري ھڪ جامع پلان جوڙڻ جي ھدايت ڪئي آھي.