انگلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي

0
320

انگلينڊ پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي، انگلينڊ رڳو هڪ وڪيٽ جَي نقصان تي 21 هين اوور ۾ 142 رنز جو هدف ماڻيو، ڊيوِڊ مِلن 68 ۽ ذاڪ ڪِرالَي 58 رنز ٺاهيون، پاڪستان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 141 رنز تي ڍير ٿي وئي هئي، فخر زمان 47 ۽ شاداب خان 30 رنز ٺاهي نمايان رهيا، امام الحق ۽ بابر اعظم کاتو ئي نه کولي سگهيا، محمد رضوان 13، سعود شڪيل 5 ۽ صهيب مقصود 19 رنز ٺاهيون، انگلينڊ جَي بالر ثاقب محمود 4 وڪيٽون ورتيون.