“ ياديو شرم ڪريو”ارميلا جو دليپ تي تنقيد ڪندڙ بي جي پي اڳواڻ کي جواب

0
314

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ارميلا ماٽونڊڪر ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار خلاف غلط ٻولي ڳالهائيندڙ بي جي پي اڳواڻ کي سخت جواب ڏنو آهي. اداڪارا 3 لفظ چيا آهن “ ياديو شرم ڪريو. هن چيو ته دليپ ڪمار نه رڳو ڀارتي فلم انڊسٽري پر پوري ننڍي کنڊ جو هيرو هو انکي مذهبي انتهاپسندي واري اڳ سان نه ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته دليپ ڪمار سموري حياتي ڀارت جي خدمت ڪئي هو پارليامينٽ جو پڻ حصو رهيو ڪڏهن به ڪو تڪراري بيان نه ڏنو انڪري هندستان جو ٻچو ٻچو ساڻس پيار ڪري ٿو ۽ سندس وڇوڙي تي اداس آهي