حڪومتي دعويٰ اڌوري رهجي وئي : ڊالر 160.7 رپين تي پهچي ويو: سون ۾ 600 رپين جي واڌ

0
349

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ )وفاقي حڪومت جو خرانو ڀريل هجڻ باوجود ڊالر 160.7 رپين تي پهچي ويو، سون ۾ 600 رپين جو واڌارو. ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپين جي واڌاري سان 109000 مان 109600 رپين تي پهتو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا لاٿ سان 1520 مان 1500 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر وري 90 پئسا واڌ سان 159.8 مان 160.7 رپين جي بلند سطح تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا واڌ سان 220.5 مان 221 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا اضافي سان 188 مان 188.5 رپين تي پهتو