لنڊن ( اسپورٽس نيوز)انگلش ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس منفرد ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ,بين اسٽوڪس پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته  مان بنا بيٽنگ، بالنگ ۽ وڪيٽ ڪيپنگ جي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي اها ڪاميابي منفرد ليکي وينديڪرڪيٽ جي حوالي سان ماهر مظهر  ارشد به انگلش ٽيم جي ڪپتان جي دعويٰ جي تصديق ڪري ڇڏي آهيانگلش ٽيم آئرلينڊ سان ٽيسٽ کيڏي جنهن م آئرلينڊ پهريان کيڏندي هڪ سئو 72 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ ٿي وئي جڏهن ته انگلينڊ پهرين اننگ ۾ 5 سئو 24 رنسون اسڪور ڪيون ,آئرلينڊ ٻين اننگ ۾ به 3 سئو  62 رنسون ٺاهي سگهي جنهن بعد انگلينڊ صرف 11 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي جنهن تي بين اسٽوڪس لکيو ته اسان بنا بالنگ، بيٽنگ ۽ ڪيپنگ جي راند کٽي آهي جنهن سان ڪرڪيٽ جا ماهر به سهمت آهن