انس حقاني جي حامد ڪرزئي، عبدالله عبدالله ۽ گلبدين حڪمت يار سان ملاقات

0
334

ڪابل: تختِ ڪابل جي حڪمراني ۽ عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ جو چيلينج بڻيل آھي، افغان طالبان قيادت جا سياسي اڳواڻن ۽ حامين سان رابطا تيز، ڪابل ۾ افغان طالبان وفد جي حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله سان ملاقات، جامع حڪومت جي قيام سميت مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي وئي، طالبان قيادت فتح جو جشن ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو آھي، طالبان ترجمان ذبيع الله مجاهد چيو آهي ته طالبان قيادت جي سياسي اڳواڻن سان پهرين ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي آهي، مُلا عبدالغني برادر جِي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد قنڌار ۾ موجود آھي.

گلبدين حڪمت يار ۽ انس حقاني ۾ ملاقات ڪابل ۾ ٿي