مانجھند (ن پ ا) مانجھند ويجھو علي آباد ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سلسلو جاري آهي. 8 محرم جو جلوس امام بارگاھ سجاديا مان برآمد ٿيو جلوس کان پھرين مجلس عزا منعقد ڪئي وئي مجلس جي اختتام ٿيندي ئي مرڪزي جلوس ۾ سوين مومنن ھٿن ۾ علم پاڪ کڻي ياحسين ياحسين جي بلند صدائن سان پيرين اگهاڙي انڊس ھاء وي تان ٿيندي مومنن پاران عزاداري سان گڏ نوحا خواني پڻ ڪئي. جلوس ۾ شرڪت لاء مختلف شھرن مان انجمنون جن ۾ انجمن لشڪر عباس انجمن نوجوانان حسين انجمن دعا زينب ۽ ٻين انجمنن نوحا خواني پڻ ڪئي جڏھن ت عزادارن جو وڏو انگ عزاداري ڪندي نظر آيو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جي حوالي سان جعفريا يوٿ جي محافظن سان گڏ پوليس جي نفري پڻ موجود ھئي.