اسلام آباد: ذريعن مطابق وفاقي وزيرن پاران لڳايل الزامن بابت چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ذريعي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڪارروائي لاءِ وفاقي وزيرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري الزامن جا ثبوت گهريا ويندا، ان حوالي سان پيمرا کان طلب ڪيل رڪارڊ ۽ پارلياماني ڪاميٽي ۽ ايوان صدر جي اجلاسن جو رڪارڊ ملڻ بعد ان جو جائزو ورتو ويندو، جنهن کانپوءِ وفاقي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪري ان حوالي سان ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جي تاريخ طئي ڪئي ويندي.