اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن  جو احترام پنهنجي جاءِ تي پر شخصيتن جي سياسي ڪردار بابت ڳالهائڻ پسند ناهي ته پوءِ پنهنجو ڪنڊڪٽ غير سياسي رکيو وڃي، نوٽيس مليو ته تفصيلي جواب ڏينداسين، اداري جي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن جي حيثيت آهي پر شخصيتون غلطين کان مٿانهيون ناهن ۽ تنقيد شخصيتن جي ڪنڊڪٽ تي ٿيندي آهي، اداري تي ناهي ٿيندي، سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري اهڙو بيان اليڪشن ڪميشن پاران نوٽيس جاري ڪرڻ واري فيصلي کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي.