اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عمران خان کي تحريڪ انصاف جي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، درخواست ڏيندڙ آفاق احمد کي مسلسل غير مناسب رويو اختيار ڪرڻ سبب چيف اليڪشن ڪمشنر جي هدايت تي سيڪيورٽي گارڊن عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو  تفصيل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ عمران خان کي پارٽي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ دخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل بيريسٽر گوهر پيش ٿي عمران پاران جواب جمع ڪرايو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته  هاءِ ڪورٽ هن ڪيس جي ڪاروائي نه روڪي آھي، ٻڌڻي دوران عمران خان کي پارٽي سربراهي جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ آفاق احمد مسلسل چيف اليڪشن ڪمشنر سان غير مناسب رويو اختيار ڪيو، آفاق احمد وڏي آواز ۾ ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي عملي کي درست ڪري، چيف اليڪشن ڪمشنر کيس وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ کان روڪيو پر ان باوجود نه  مڙيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر هدايت ڪئي ته پڪڙي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو وڃي جنهن تي سڪيورٽي عملي آفاق احمد کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنهن دوران آفاق احمد مسلسل معاف ڪيو جا آواز ڏيندو رهيو. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي پارٽي سربراهي تان هٽائڻ واري آفاق احمد جي درخواست به رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته عمران خان پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ هن مامري ۾ ڪنهن منفي ڪاروائي کان اليڪشن ڪميشن کي  روڪيو،  اليڪشن ڪميشن فيصلو اچڻ تائين هن ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري، اليڪشن ڪميشن هن ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي نواز شريف ڪيس جو حوالو ڏنو آھي اهو غلط آهي، سپريم ڪورٽ نواز شريف کي 62 ون ايف تحت نا اهل ڪيو آھي، اليڪشن ڪميشن عدالت نه آھي، اليڪشن ڪميشن کي هي ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ناهي، ڪنهن کي پارٽي سربراهي تان ان صورت ۾ هٽائي سگهجي ٿو جڏهن عدالت ڪنهن کي صادق امين نه هجڻ جو فيصلو ڏئي، ڪيس خارج ڪيو وڃي.