ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي تي ڪم جي رفتار کي 48 ڪلاڪن ۾ فل فلو ۾ آڻڻ جي هدايت، صوبائي وزير چيو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ ريڊ لائين منصوبي جي سائيٽ جو دورو ڪندس. ڪالھ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت صورتحال کان پوري طرح واقف آهي، مهانگائي سبب منصوبي جي لاڳت وڌي رهي آهي. سنڌ حڪومت ۽ ٽرانس ڪراچي منصوبي جي ٺيڪيدارن جا مسئلا حل ڪري کين هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. ملاقات دوران صوبائي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽس لائيڊ رائٽ سان پڻ وڊيو لنڪ تي رابطو ڪري منصوبي تي ڳالھ ٻولهه ڪئي ۽ منصوبي ۾ مستقبل ۾ تاخير  کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين اهم منصوبو آهي، جيڪو پاڪستان جو پهريون بايو گيس منصوبو آهي،  هن سي اي او ٽرانس ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو روزانو اجلاس منعقد ڪري منصوبي تي ڪم جو جائزو وٺي ۽ کيس هفتيوار منصوبي جي اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ هڪ ڏينهن اهم آهي، سبزي منڊي، بيت المڪرم، سوڪ سينٽر ۽ ٻين هنڌن تي شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي  رهيا آهن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ /سي اي او ٽرانس ڪراچي عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، جي ايم انفراسٽرڪچر ٽرانس ڪراچي پير سجاد سرهندي، پروجيڪٽ ٺيڪيدارن ۽ ڪنسلٽنٽس شرڪت ڪئي.