لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري ۽ شاهه محمود خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ فواد چوڌري ۽ شاهه محمود قريشي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس نمبر 373 سب انسپيڪٽر محمد وسيم جي مدعيت ۾ ريس ڪورس ٿاڻي لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو سبب شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري جي زمان پارڪ ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٿيل رش سبب ڪينال روڊ بلاڪ ٿيڻ لکيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته فواد چوڌري چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي. هن عوام کي پاڪستان جي حڪومت ۽ رياستي ادارن خلاف ڀڙڪايو. ڪيس ۾ روڊ بلاڪ، ڌمڪين، چڙ ڏياريندڙ تقرير سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ اهو به چيو ويو آهي ته فواد چوڌري رياستي ادارن تي قتل جي منصوبه بندي جو به الزام لڳايو آهي.