سکر (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ مانٽيرنگ آفيسر صدام حسين طرفان بلدياتي اليڪشن جي پھرين مرحلي ۾ سکر ضلعي اندر اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق جي خلاف ورزي ڪرڻ تي  44 اميدوارن کي نوٽيس اماڻي ڇڏيا آھن، حاصل ڪيل ڄاڻ موجب پابندي باوجود سکر ۾ جلسا ڪرڻ ۽ ريلي ڪڍڻ تي پ پ اميدوار مختيار کوکر، محمد دين، محمد عارف ميمڻ، محمد ثاقب راجپوت، حنيف ميمڻ، چوڌري اظھر حسنين، صابر احمد، نادر علي، محمد عثمان ماڪو کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو آھي. جڏھن ته ضابطا  اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندي پنوعاقل ٽائون ڪاميٽيءَ جي وارڊ 12 ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ طارق قريشيءَ کي نوٽيس جاري ڪندي ترقياتي ڪم به بند ڪرايو ويو آھي. جڏھن ته پ پ جي اليڪشن مھم ھلائڻ تي 3 سرڪاري ملازمن ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي عبدالقيوم کوسو، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي سيد تصور حسين شاھ، پوليس اھلڪار ذيشان کي به نوٽيس اماڻيا ويا آھن.