اقتدار ملڻ جي پهرين ڏينهن سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪندس: بلاول ڀٽو

0
53
اقتدار ملڻ جي پهرين ڏينهن سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪندس: بلاول ڀٽو
اقتدار ملڻ جي پهرين ڏينهن سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪندس: بلاول ڀٽو

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سزا ملڻ تي مخالف جشن ملهائي رهيا آهن، پيپلزپارٽي جشن نه ملهائيندي

بلاول ڀٽو زرداري مالاڪنڊ جي علائقي بٽ خيله ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم کي چونڊن مان آئوٽ ڪرڻ کي سياسي انتقام سمجهي ٿي، اقتدار ملڻ جي پهرين ڏينهن سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪندس

پ پ چيئرمين بلاول چيو ته اقتدار مليو ته سياسي مفاهمت جو ماحول ٺاهينداسين، پي ٽي آءِ جو باني چوندو هو ته مان هنن کي روئاريندس، هاڻي پاڻ ويهي روئي رهيو آهي، اقتدار مليو ته دهشتگردن کي ٻيهر ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين، مان دهشتگردن جي منڍي لاهي ڇڏيندس