پي ٽي آءِ باني کي ٻڌايل سزائون هاءِ ڪورٽ مان معطل ٿي وينديون: اعتزاز احسن

0
51

لاهور : ناليواري قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي ٻڌايل سزائون هاءِ ڪورٽ مان معطل ٿي وينديون، سزائون ٻڌائڻ وقت جوابدار کي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، سرڪاري وڪيلن کي جوابدار جو وڪيل مقرر ڪرايو ويو

ناليواري قانوندان اعتزاز احسن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي کي سائيفر ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي دنيا ۾ ٺٺوليون ٿينديون، جوابدارن کي ٻڌڻ کانسواءِ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون،

هن چيو ته  ان سزا جا ملڪي معيشت تي به خراب اثر پوندا، مريم نواز به توشه خانه مان گاڏيون ورتيون ۽ وڪرو ڪيون، هن تي ڪو به ڪيس نه ٺاهيو ويو آهي، اڄ جيڪو ڪجهه هڪ جماعت سان ٿي رهيو آهي سڀاڻي ٻي جماعت سان به ٿيندو