تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مايوس نه ٿين، پرامن رهن: بئريسٽر گوهر علي خان

0
54

پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مايوس نه ٿين، پرامن رهن، پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف ٻڌايل سزائون اعليٰ عدالتن ۾ برقرار نه رهي سگهنديون، هي فيصلو ناانصافي نه پر ظلم آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان رد عمل ڏيندي چيو ته اسان کي دفاع جو حق نه ڏنو ويو، وڪيل موجود هئڻ باوجود جرح جي اجازت نه ڏني وئي، 342 جو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ نه ڏنو ويو

هن چيو ته بشريٰ بي بي جو توشه خانه ڪيس سان پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي، پي ٽي آءِ باني تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ بشريٰ بي بي کي به سزا ٻڌائي وئي

ٻئي پاسي  پي ٽي آءِ اڳواڻ علي ظفر چيو ته هي جلد بازي وارو ڪيس آهي، هي مس ٽرائل آهي، هي غير قانوني ڪيس آهي ۽ ان ۾ ڪا جان نه آهي، سزائن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي پيروي پاڻ ڪندس