ڪابل(اسپورٽس نيوز) پاڙيسري ملڪ افغانستان جي صورتحال تي عالمي ڪرڪيٽر راشد خان به وات کوليو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجا مان وارا عالمي اڳواڻو منهنجي وطن ۾ افراتفري متل آهي، ٻارن ۽ عورتن سميت هزارين ماڻهو هر روز شهيد ڪيا پيا وڃن، اسان جا گهر ۽ ملڪيتون تباهه ڪيون پيون وڃن. هزارين خاندان بي گهر ٿي ويا آهن. هن عالمي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اسان کي افراتفري جي حالت ۾ نه ڇڏيو، افغانستان ۾ قتل ۽ غارت ۽ تباهي بند ڪئي وئي اسان امن چاهيون ٿا.