مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ڀرسان دائود ڇلگري جي طرفان اجتماع ڪرڪيٽ گرائونڊ تي سپر سڪس جو عاليشان ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنھن ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو، جنھن جو فائينل ميچ ڇلگري ڪرڪيٽ ڪلب ۽ مسوڀرڳڙي ڪرڪيٽ ڪلب جي وچ ۾ ٿيو جنھن ۾ ڇلگري ڪرڪيٽ ڪلب سپر سڪس جي ڪپتان فواد احمد ٽاس کٽي پھرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، مسوڀرڳڙي پهرين بيٽنگ ڪري مقرر 5 اوورن ۾ 72 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، واحد بخش ڇلگري ڪرڪيٽ ڪلب طرفان بيٽگ ڪندي 2 رانديگرن جي نقصان تي حدف پورو ڪري فائينل پنهنجي نالي ڪيو. آفتاب علي کي آل رائونڊر پرفارمنس تي مين آف دي ميچ ۽ ماجد ڪلھوڙي کي مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. آخر ۾ فائينل ۾ مھمان طور آيل غلام علي عرف حريف ڇلگري جي ھٿان ونر ٽيم جي ڪپتان فواد احمد کي وننگ ٽرافي ڏني ويئي ۽رنر اپ رحمان ترڪ کي ٽرافي ڏني ويئي زاھد ڪلھوڙي ڪامينٽري جا فرائض سر انجام ڏنا.