اشو آف دي ڊي شاباش شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻه ايڪسپريس: سوشل ميڊيا تي ساراهه

0
286

شاهنواز ڏاهاڻي جي سوشل ميڊيا تي ساراهه ٿي رهي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ملتان سلطان کي پي ايس ايل 6 جو فائنل کٽرائڻ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي جو ئي ڪردار آهي، لاڙڪاڻو ايڪسپريس شاهنواز ڏاهاڻي پي ايس ايل 2021ع ٽورنامنٽ جو بهترين بالر قرار ڏنو ويو آهي، ان سلسلي ۾ زاهد جاگيراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاباش شاهنواز ڏاهاڻي لاڙڪاڻه ايڪسپريس…!!!پي ايس ايل 6 جي فائنل ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ملتان سلطان کي مبارڪون، پر ڪاميابي جو سھرو شاھنواز ڏاھاڻي تي آھي. جس ھجي ان نوجوان رانديگر کي جنھن تمام ڏکيائين باوجود پنھنجي محنت جاري رکي ۽ ٽيم کي فائنل تائين پھچائي ان کي فتح ڏياري..ڌڻي در دعا آھي ان کان بھ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻي ۽ قومي ٽيم ۾ به پنھنجي جڳھه ٺاھي. علي ڪامران لکيو ته شاھنواز ڏاھاڻي جي ٽيم ملتان سلطان پي ايس ايل سيزن 6 جو ميلو لٽي ورتو، عرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 2019ع ۾ محمد حسنين جي ڪارڪردگي 9 ميچن ۾ 15 وڪيٽون ورتيون ۽ آسٽريليا دوري لاءِ سليڪٽ ٿي ويو، شاهنواز ڏاهاڻي 11 ميچن ۾ 20 وڪيٽون ورتيون ۽ پاڪستان سپر ليگ 2021ع جو ٽاپ بالر هجڻ باوجود انٽرنيشنل ۽ انگلينڊ دوري لاءِ سليڪٽ نه ٿيڻ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. فدا حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي مِٽيءَ ۾ وڏو ٽئلينٽ آهي، شاهنواز ڏاهاڻي پنهنجي بهترين پرفارمنس سان 73 سالن جي غلط پاليسين کي آئينو ڏيکاريو آهي، شاهنواز ڏهاڻي کي ميرٽ جي بنيادن تي ٽنهي فارميٽن لاءِ فوري طور تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو بڻائڻ گُهرجي، بهترين پرفارمنس باوجود ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي موقعو نه ٿو ڏنو وڃي، وفاق جي تعصب پرستي واري رويي سنڌي قوم کي هميشه ناراض ڪيو آهي، پي سي بي جي نااهلي ۽ غلط پاليسين سبب سنڌ جو تمام وڏو ٽئلينٽ ضايع ٿي وڃي ٿو، اڃا به وقت آهي، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪَري سنڌي قوم جو اعتماد بحاد ڪَري سگهجي ٿو، شاهنواز ڏاهاڻي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ باصلاحيت نوجوان آهن، جنهن جي ڪارڪردگي سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، اسان کي مٿس فخر آهي، سنڌ جا نوجوان محنتي ۽ باصلاحيت آهن، هر شعبي ۾ کين آزمائڻ گهرجي، يقين آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جيان قوم جو سر فخر سان بلند ڪندا.سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ پي ايس ايل جي فاتح نوجوان ڪرڪيٽر شاهنواز ڏاهاڻي جي آجيان ڪرڻ جون تياريون عروج تي پهتل آهن. آچر تي هو پنهنجي اباڻي شهر پهچندو.