سوال/سروي موبائيل فون تي 5 منٽن کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي ٽئڪس لڳائڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي:عوام

0
209

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران موبائيل فون تي 5 منٽن کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي 75 پئسا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن ڪال تي ٽيڪس رد ڪندي چيو ته جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها عوام کي لٽڻ ۾ ڪا ڪسر نٿي ڇڏي، حڪومت جو اهو فيصلو به غريب عوام جي نقصان ۾ ئي آھي، ڪارڊ ريچارج ڪرڻ کان وٺي ڪال يا ايس ايم ايس ڪرڻ تي پهريائين ئي ٽيڪس لڳل آھي، هاڻي ان ٽيڪس کان پوءِ ھي نئون ٽيڪس لڳائڻ ئي غير قانوني عمل آھي ان ڪري ان فيصلي کي فورن واپس ورتو وڃي، ڪجهه ماڻهن ٽيڪس جي حمايت ڪئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام حسين ڀٽي لکيو ته هنن جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ھي يوٽرن وٺڻ جا ماھر آھن، شاهد ٻرڙو به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي، نياز سومرو لکيو ته حڪمرانن کي خبر نه ٿي پوي ته ڇا ڪرڻو آهي، يوٽرن حڪمران آهن، ظفر رند لکيو ته تمام بهترين فيصلو آهي ان سان ٽائيم بچندو، ماجد سمون لکيو ته هزار سي سي تائين گاڏين تي ٽيڪس گهٽائي موبائل فون تي ٽيڪس وڏائي وئي آهي، هاڻي غريبن کي صلاح اها آهي ته اهي موبائلون کپائي گاڏي وٺن ۽ جنهن کي ڪال ڪرڻي هجي ان ڏي گاڏي تي سوار ٿي ڪچهري ڪري اچن، منصور سومرو لکيو ته سرڪار هاڻي وڃي پني ته ڀلو اٿس، احتشام بلوچ لکيو ته سم ئي بند ڪري ڇڏيو نه هوندي نه وري ٽيڪس لڳندو، فيض محمد گبول لکيو ته تمام غلط فيصلو ڪيو ويو آھي، ڪاروباري ماڻھن سان گڏو گڏ عاشقن کي به وڏو نقصان رسندو، مظهر عباسي لکيو ته بھتر آهي ان سروس کي ئي بند ڪريو، ڪا شي ڇڏي اٿو جنھن تي ٽئڪس نه ھجي، مڪيش راجا لکيو ته اصل گورنمينٽ ھر پاسي کان ٽئڪس وصول ڪرڻ چاھي ٿي، عاشق حسين لکيو ته مري عاشق ويا جيڪي راتين جون راتيون ڳالهائن ٿا، خورشيد ڀيو لکيو ته غريب دشمن پاليسي آھي اميرن کي ڪو فرق نه پوندو، صديق پنهور لکيو ته غلط فيصلو آهي. فون تي رڳو ڊگهو عاشق ڪونه ڳالهائيندا آهن، ڪاروباري ماڻهو به ڳالهائي سگهي ٿو، اياز لاشاري لکيو ته وڏي ڪا بک اٿن، عادل الاهي بخش لکيو ته پهريائين واڌو ٽيڪس لڳل آھن حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، بابر علي شر لکيو ته حڪومت کي اھو عوام دشمن فيصلو واپس وٺڻ کپي، زوهيب ميئو، طارق سهتو لکيو ته بهترين فيصلو آهي، اعجاز بجير لکيو ته اڄ ڪلهه ڪال جو سسٽم ئي گهٽجي ويو آھي. انٽرنيٽ سستو ڪن باقي ڪال تي ڀلي ٽئڪس لڳائن. صدام جان لکيو ته ڪم ته ڀلو آهي پر شل 75 پئسن ۾ به حڪومت هلي سگهي، جمال الدين چنا لکيو ته جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها عوام کي لٽڻ ۾ ڪا ڪسر نٿي ڇڏي، ايم امين ڀٽو لکيو ته بهترين فيصلو آهي، علي مراد جوکيو لکيو ته حڪومت جو اهو فيصلو به عريب عوام جي نقصان ۾ ئي آھي، ڪارڊ ريچارج ڪرڻ کان وٺي ڪال يا ايس ايم ايس ڪرڻ تي پهريائين ئي ٽيڪس لڳل آھي، هاڻي ان ٽيڪس کان پوءِ ھي نئون ٽيڪس لڳائڻ ئي غير قانوني عمل آھي ان ڪري ان فيصلي کي فورن واپس ورتو وڃي. رضوان خان مارفاڻي لکيو ته اهو ايئن ڪبو ته 5 منٽن کان اڳ ڪال ڪٽي وري ٻيهر ڪال ڪبي، راشد وسطڙو لکيو ته هر 5 منٽن کان پهريان ڪال ڪٽي ڇڏيو ٻيهر ڪالر ڪريو ايئن پاڻ کي ٽيڪس کان بچائڻ ممڪن آهي، محمد بلوچ، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته غلط فيصلو آهي، سميع الله لاکو لکيو ته جهڙي حڪومت تهڙا فيصلا، اشفاق پنهور لکيو ته وفاقي سرڪار جو وس پڄي ساھ کڻڻ تي به ٽئڪس لڳائي، سليم اختر لکيو ته فيصلو ڪھڙو به ھجي مري اھي ويا جيڪي پيڪيج تي سڄو ڏينهن پيا ڳالهائيندا هئا، طارق لنجواڻي به سروي ۾ حصو ورتو، اسد کوسو لکيو ته بھترين فيصلو آهي فضول ڳالهائڻ وارا به جام هئا، شاهد شر لکيو ته اهو فيصلو حڪومت واپس ورتو هيو غلط فيصلو آهي پهريائين واڌو ٽيڪس لڳل آھن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته عاشقن جي بددعا لڳندن، يونس بلوچ لکيو ته غلط فيصلو آهي. فون تي رڳو ڊگهو عاشق ڪونه ڳالهائيندا اهن، ڪاروباري ماڻهو به ڳالهائي سگهي ٿو، قطب الدين ساوند لکيو ته سٺي ڳالهه آهي ھر شيءِ محدود ھجڻ گھرجي، شبير سهتو لکيو ته شبير سهتو لکيو ته هي حڪومت ٽيڪس لڳائڻ ۾ سڀني کان اڳتي رهي آھي، محمد علي شر لکيو ته بهترين فيصلو آهي فضول ڳالهائڻ وارو نه ڳالهائي سگهندو، رضا علي ڦلپوٽو لکيو ته في ڪال 75 پئسا يا في منٽ چارج ٿيندي، هالار ياسين لکيو ته اسان عاشقن جي اوطاق ئي الڳ آ، الائي ڇو اسان تي سڙيو پيو هي جڳ آ، آفتاب ڪيريو لکيو ته پھريان ئي 100 رپئي جي لوڊ تي 16 کان 18 رپيا ڪٽوتي ٿئي ٿي ھاڻي وري نئون ٽيڪس سراسر نا انصافي آھي، آصف منگي، عبدالستار سهرياڻي، حسن علي، برڪت سولنگي، ارشاد مستوئي، يار محمد ميمڻ، حسين قمبراڻي، اشفاق پنهور، ثقلين حيدر، شوڪت هالو، ايچ آر سوڍا، شهزاد ملاح لکيو ته فيصلو غلط آهي حڪومت کي اهو قدم واپس وٺڻ گهرجي، ڪفايت عباسي، فاروق احمد، شبير شر ٽيڪس لڳائڻ واري قدم جي آجيان ڪئي.