اشو آف دي ڊي … دوائن جي هٿرادو کوٽ تي عوام جو ردعمل … هي ڪهڙي انسانيت آهي، مريضن سان ته ايئن نه ڪريو

0
126

  پاڪستان ۾ دوائن جي کوٽ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي دانهون ڪيون پيون وڃن ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان شبير شر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پوري سنڌي ٻڏي وئي ڳوٺن جا ڳوٺ اجڙي ويا ويڙهن جا ويڙها ويران ٿي ويا هزارين ماڻهون مري ويا هزارين ماڻهو موت جي منهن ۾ آهن، سنڌ ۾ پيناڊول غائب آهي ماڻهون ڊينگي جي علاج ۾ بخار لاھڻ لاءِ مليريا جون گوريون پيا کائن جيڪي ڊينگي مريض لاءِ زهر آهن پر ائين لڳي پيو ملڪ ۾ ڪجھه ٿيو ئي ناهي، هريش ڪمار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيناڊول گوري به سون ٿي وئي، عوام کي اپيل اگر پيناڊول گوري نه ٿي ملي ته اُن جي جڳهه تي ٻي ڪا گوري وٺي استعمال ڪريو ته جئين پيناڊول وارن جو دماغ درست ٿئي، صدام مهراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ٻه مهينا اڳ 100 پيناڊول ٽيبليٽ جو پيڪيٽ 350 رپين ۾ ملندو هو، پوءِ ان جي قيمت 500 رپيا ٿي وئي، جيڪا وڌي 700 رپيا ٿي وئي ۽ هاڻي اها 1000 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي ۽ ڪو به ورهائيندڙ پنجن بڪس کان وڌيڪ پيناڊول نه ڏئي رهيو آهي.  پيناڊول ٽيبليٽ ٺاهڻ لاءِ لوڻ 600 رپيا في ڪلو ملندو هو، پر اڄڪلهه 2400 رپيا في ڪلو به نٿو ملي.  هاڻي توهان وفاقي صحت واري وزير جو نالو ٻڌي کلندا، ”قادر پٽيل“.  قادر پٽيل سادو بي اي پاس آهي، 25 سالن جي عمر ۾ ايم پي اي ٿيو ۽ گذريل 29 سالن کان حڪومت يا اپوزيشن جو حصو رهيو آهي.  صحت کاتي بابت سندس ڄاڻ تقريبن زيرو آهي  سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب ڊينگي بخار وڌي ويو آهي، بخار جون دوائون ختم ٿي رهيون آهن.  ماڻهن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن انهن کي پيناڊول نه ملي  ته اهي اسپائرول، ڪيپولول، ڊسپرول، ڊوليپرين، پيراسيٽامول، پروڪيولو، ويمول يا بسٽامول استعمال ڪن، اهي سڀ پيناڊول جو متبادل آهن. عرفان الهڏنو عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ ڊرگس کاتي هڪ گدام تي ڇاپو هڻي 25 ڪروڙ روپين جي ماليت جون پيناڊول گوريون برآمد ڪيون آهن ته ٻئي طرف مختلف شهرن ۾ گدامن تي ڇاپا هڻي اربين رپين جو لڪايل راشن برآمد ڪيو پيو وڃي آخر هي ڪهڙي انسانيت آهي آخر هي ڪهڙا انسان آهن هڪ طرف برساتن ۽ ٻوڏ جا سٽيل پاڻ ۽ پنهنجي ٻچڙن سميت ڪئمپن ۾ بکن اڃن ۾ پاھ ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف گدامن ۾ لڪايل اربين رپين جا راشن برآمد ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف مليريا ڊينگي بخار ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا متاثرن جا ٻچڙا پڻ فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن پر متاثرين کي بيمارين کان بچاءَ واريون پيناڊول گوريون ۽ مليريا جون ٻيون دوائون جيڪي ميڊيڪل اسٽورن تي اڻلڀ آهن متاثرن بيمارين ۾ تڙپي رهيا  آهن پر ڪروڙين رپين جي ماليت جون دوائون لڪايل گودامن مان برآمد ٿي رهيون آهن، ظالمو ڪجھه خدا جو خوف ڪيو، ياد رکو رب جي پڪڙ انتهائي سخت آهي ڊڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن غريبن مسڪينن برسات ۽ ٻوڏ جي ماريلن ۽ بکن ۽ بيمارين ۾ مارجي ويندڙ انهن جي معصوم ٻچڙن جون آهون آسمان تي پهچي وڃن ۽ جلد توهان تي رب جي پڪڙ ٿيندي ۽ جلد توهان تي خدا جو قهر نازل ٿيندو. ڄام فرمان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٻيو ته ھر ڪم پنھنجي جاءِ تي پر مريضن سان ته ائين نه ڪيو، برساتي ٻوڏ بعد متاثرن ۾ بخار،مليريا، ٽائيفڊ، پکڙجڻ بعد زخيره ڪندڙن پيناڊول ٽيبلٽ اسٽاڪ ڪري اسٽورن تان گُم ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو آهي،  عوامي شڪايت تي ڊرگ ڪنٽرول ٽيم مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي وڏي مقدار ۾ پيناڊول جو اسٽاڪ پڻ هٿ ڪري زخيره ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. قيوم سروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسين عظيم قوم آهيون… پاڪستان ۾ ٻوڏ جي آفت جي تباهڪارين تي سڄي دنيا ڏکاري آهي، دنيا اسانجي متاثر ماڻهن لاءِ امداد، راشن ۽ دوائون گڏ ڪري موڪلي رهي آهي پر اسانجي عظيم قوم جا نفعي خور ۽ موقعي پرست ڪاروباري ماڻهو دوائون به لڪائن ٿا، هٿرادو بحران پيدا ڪري حڪومت تي دٻاءُ وجهي پنهنجا من پسند شرط قبول ڪرائن چاهين ٿا، ميڊيڪل ڪمپنين جا مالڪ ۽ ڊيلرز جتي ٻه نمبر دوائون ٺاهڻ ۾  ملوث آهن، اتي قيمتن ۾ واڌ لاءِ هر حد تائين وڃڻ لاءِ به تيار هجن ٿا، انهن لاءِ هي آفتون ته سونهري موقعو هونديون آهن… اهڙي هڪ گروهه کي ڪراچي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر دلاور جسڪاڻي وائکو ڪيو، ھاڪس بي روڊ تي قائم ھڪ گودام تي ڇاپو ھڻي غيرقانوني طور لڪايل پيناڊول جون تقريبن 4 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ گوريون هٿ ڪيون، دوا جي ماليت 20 ڪروڙ کن آهي. هي گدام هڪ بااثر شخصيت جو ٻڌايو پيو وڃي. هڪ طرف بخار ۾ ورتل مريض واهڻ توڙي وستين ۾ هڪ ٽڪي لاءِ دربدر آهن ته ٻئي پاسي هي موقعي پرست دوائون لڪائي ويٺل آهن، اهڙن ماڻهن کي ڪهڙي دائري ۾ رکجي، ڇا هي انسان ٿي سگهن ٿا، مفادن آڏو جڏهن انسان ايترو ڪري پوندو آهي ته اهو جانور کان به بدتر ٿي ويندو آهي. اسان گهر ڪريون ٿا ته دوائون ذخيرو ڪرڻ جي ذميوارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي  ۽ ملوث ڪمپني جو لائسنس ختم ڪيو وڃي، جيئن رياست جي رٽ قائم ٿي سگهي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال قائم ٿي سگهي. مير مرتضيٰ ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڊاڪٽرن جي رپورٽ مطابق مليريا جي دوا شارٽ آهي جيڪڏهن 3 ڏينهن تائين نه ملي ته الله سائين رحم ڪري هر تعلقي ۾ هر روز 50 کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿي وينديون. برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي ظالم واپاري مصيبت جي وقت به بليڪ مارڪيٽنگ ڪن پيا.