“منهنجو ديسُ اُڪاري ڏي تون..”

گَردشِ جي گهيري  ۾  آيل

ٻُڏندڙ ٻيڙي تاري  ڏي  تُون؛

وِيڻِي  وِيڻِي  وَنجھُه  بڻائي

منهنجو ديسُ اُڪاري ڏي تون…

جي تُون مُون سان پيارُ ڪرين ٿو!

سِينڍَ سَنهيءَ ۾ سِنڌُ وَڄائي

نقشي  ۾   آوازُ   ڀَري  ڏي؛

آوازن   مان   نعرا   جوڙي

جيئي سِنڌُ جو سازُ ڀَري ڏي؛

آزاديءَ  جو  ڳاڙهو  جهنڊو

پوتيءَ جيئن اُڏاري ڏي تون…

جي تُون مُون سان پيارُ ڪرين ٿو!

اُڀَ تي اُڏندڙ هر پَنڇيءَ لئه

وِکَ وِکَ تي هڪُ وڻُ پوکي ڏي؛

هڪڙي ننڍڙي ڇيليءَ ڪارڻ

سائو  چارو   پڻُ  پوکي  ڏي؛

آڱر   ساڻِ   اشارو   ڏيئي

بادل  کي  بيهاري  ڏي  تون…

جي تون مون سان پيارُ ڪرين ٿو!

مٽيءَ جي ماني ڇو  ويليون؟

ڪَڻي ڪَڻي مان ڪيچَ ڪَري ڏي،

بُکَ  تي  بَندشِ جهڙو  ڪوئي

هڪڙو  نئون  قانُون  گَهڙي ڏي؛

اُونداھن   ايوانن   اندر

سَهسين سِجَ اُڀاري ڏي تون…

جي تُون مُون سان پيارُ ڪرين ٿو!

ڪنھن جي واتَ بُکايل کي تون

ساڄي هَٿَ جو گِرھُه ڏئي ڇڏ،

راتوڪِي   اَڌُ نِنڊَ   ورهائي

ڏينهُن، مهينو، ورھُه ڏئي ڇڏ؛

اوجاڳو   آ  ڪيڏو   پَرتي.؟

نيڻن منجھه نهاري ڏي تون…

جي تون مون سان پيارُ ڪرين ٿو!

اُس ۾ سَڙندڙ پيرن سان گڏ

پنهنجو پاڇو ساڻُ ڪري ڏي

اَنگَ  اُگهاڙي  ماڻهوءَ  خاطر

پاڻُ سَڄو  پهراڻُ  ڪري ڏي؛

هڪڙو  ساھُه  اُڌارو  ڏيئي

مَرندڙ  ٻارُ جيئاري ڏي تون…

جي تُون مُون سان پيارُ ڪرين ٿو!!

چئُه تون مُون سان پيارُ ڪرين ٿو!؟

(فيس بوڪ تان ورتل)