!!!…..گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ايڏو سادو

0
185

 سوشل ميڊيا تي ھن تصوير تي وڏو بحث ھلي رھيو آھي ته يو اين جو سيڪريٽري جنرل ايڏو سادو ۽ پاڪستان جي حڪمرانن جا ٺٺ وڏا آھن .انھن لاءِ عرض ته اھا سياسي  تربيت ھوندي آھي.  ڪاڪو انتونيو  گوتريس پورچگيزي سوشلسٽ پارٽي جو ميمبر ۽ اڳواڻ  رھيو آھي.

 1995 کان 2002 تائين پرتگال جو وزير اعظم رھي چڪو آھي. 1971 کان 1974 تائين  يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر رھي چڪو آھي جتي انجنيئرنگ جو سبجيڪٽ سسٽم ٿيوري ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سنگنلز  پڙھايائين، ان کان پوءِ سوشلسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو ماستري ڇڏيائين. 1974 ۾ پورتگال جي ڪالونيل وار ۽ فوجي خرچن کان تنگ ٿي عوام ۽ کاٻي ڌر جي فوجي آفيسرن پاران ڪارنيشن انقلاب Carnation Revolution ۾ حصو ورتائين.

 جنھن ۾ ڪاڪي ڪيٽانو يا سي ايٽانو چئونس جي آمريت جو خاتمو ٿيو. ان ملٽري ڪو ۾ رت جو ڦڙو به نه وھيو، انقلابي فوجي جٿي ھڪ انقلابي گيت نشر ٿيڻ تي (جيڪي دوست نيٽ فليڪس تي فلمون ڏسندا آھن . انھن تازو مني ھائيسٽ سيريز ۾ ڪارنينشن ريوليشن جو انقلابي گيت ضرور ٻڌو ھوندو )  گيت ٻڌي جوانن سڀني مک جڳھين تي اچي قبضو ڪيو، عوام کين ڪارنينش جا ڳاڙھا گل آڇيا ۽ ان کي اڄ تائين ڪارنينشن انقلاب ڪوٺيو وڃي ٿو،  ايئن سمجھو ته ڪاڪي ڪيٽانو يا ان کان پھريان سندس پيش رو جي دور حڪومت ۾ پرتگال جا حال پاڻ جھڙا ھئا ملڪي ڪرنسي کان ويندي تيل جو بحران سڀ خبرون ھتان جون ھيون . گھڻي ڊيگھه نه ٿا ڪيون خبرون خيرن جون ھن سوشلسٽ پارٽي جي چڱ مڙسي جو پٽڪو 2002 ۾ سوشلسٽ پارٽي جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ شڪست کان پوءِ ڇڏي ڏنو . ھاڻ سوشلسٽ ته اھڙا ئي ھوندا اٿئو ڊگھو عرصو وزير اعظم رھڻ کان پوءِ ھن وقت يو اين او جو سيڪريٽري جنرل ھئڻ باوجود به بوٽ پالش ٿيل نه ڏسي اوھان پريشان ٿي ويا آھيو. ھي ماڻھو  ڪي  پاڻ وارن اڳواڻن  جھڙا لوھار، سينما جو ٽڪيٽون وڪرو ڪندڙ ، وڏيرا لوفر  نه آھن جيڪي مصيبتن ۾ به ڪباب کائڻ جون فرمائشون ڪن، اداڪارن کي پنھجي گھرن ۾ فيملي سان ملائڻ لاءِ  دعوتون ڪن . سوشلسٽ انسان دوست ھوندا آھن.( شفيق لغاري جي وال تان- وائرل ٿيل پوسٽ)