انتونيو گوتريس مسقبل ۾ اسان جي حڪمرانن جا ڪم لکندو

0
120

 هڪ پاسي دنيا جي سمورن ملڪن جي تنظيم يو اين او- گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آهي، جيڪو ٻوڏ سبب ٿيل تباهيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل آهي، مهذب سماج سان تعلق هجڻ سبب کيس خبر هئي ته آفت سٽيل ماڻهن جي ملڪ ۾ وڃڻ وقت ڪهڙو رويو اختيار ڪجي، ڇا پهرجي، ڇا کائجي.؟

  هوائي اڏي تان پنهنجو سامان پاڻ کڻڻ کان ويندي لاڙڪاڻي، موهن جي دڙي ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملڻ وقت کيس مڪمل طور سادگي اپنائيندي ڏٺو ويو، جيڪو تصويرن ۽ فٽيجز ۾ به واضح نظر آيو ، ٻئي پاسي وري سنڌ ۽ پاڪستان جو حڪمران ٽولو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ سير ڪرڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ نوان ويس وڳا پائي، کلندي، مرڪندي ۽ گدگد ٿيندي به نظر آيو، ٽئين دنيا جي هزارين ارب رپين جي قرضن ۾ جڪڙيل ملڪ جي حڪمران طبقي جي ان روش انتونيو گوتريس کي حيران ضرور ڪيو هوندو، اميد ته مستقبل ۾ هو اينجلينا جولي وانگر ان جو ذڪر به ڪندو ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن کي اهو احساس ٿئي ته مٿن ڪهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو حڪمراني ڪري رهيا آهن. ( فرحان تنيو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)