ذميوارن جو احتساب ڪريو … ميان الياس عباسي

0
141

  اسان جي ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اھو آھي ته اسان بغير ڪنھن بنيادي ڍانچي، انفرااسٽرڪچر جي زندگي گذاريندا آھيون. اسان جي قوم جي ماڻھن کي پنھنجن بنيادي حقن تي لڳل ڌاڙو نظر ناھي ايندو،ان تي احتجاج ناھيون ڪندا. ڪوششون ناھيون وٺندا، باقي پاڻي جي وارن تي ھڪٻئي کي ڌمڪيون ڏينداسين، جھيڙو ڪنداسين باقي جن  ڪرپٽ ڪامورن جي ڪري پوري سنڌ ٻڏي آھي انھن ڪامورن ۽ حڪمرانن جو احتساب ڪونه ڪنداسين. انھن کان امداد وٺي وري ماٺ ڪري ويھي رھنداسين.

  جيستائين اسان جو ھر ھڪ ماڻھو انھن ڪرپٽ ڪامورن وڏيرن کي قومي احتساب جي دائري ۾ نٿو آڻي، تيستائين تباھي ۽ بربادي سنڌين جو مقدر رھندي. اسان سنڌي قوم جي حيثيت ۾ جيستائين احتساب جي عمل مان نه گذرنداسين، جيستائين ڪرپٽ سياستدانن چونڊيل نمائندن جو دائرو تنگ نه ڪنداسين، تيستائين اھي اسان کي ٻوڙيندا رھندا. (فيس بوڪ تان ورتل)