ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪپتان جوس بٽلر زخمي ٿيڻ سبب پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏي نه سگهندو. برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب انگلش ڪپتان جوس بٽلر ڀيڏيءَ جي زخم سبب پاڪستان خلاف 7 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏي نه سگهندو، جڏهن ته معين علي سندس جاءِ تي ٽيم جي قيادت ڪندو. رپورٽن موجب بٽلر ورلڊ ڪپ کان اڳ مڪمل طور تي فٽ ٿيڻ لاءِ سموريون ميچون به ڇڏي سگهي ٿو. ان کان اڳ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) جوس بٽلر جي شروعاتي ميچن ۾ نه کيڏڻ جو چيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان انگلش ڪپتان ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن سيريز جي آخري ٻن ميچن ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انگلش ڪپتان جي ڀيڏي ۾ گهڻي تڪليف نه آهي پر جلد بازي سبب ٻيهر زخمي ٿيڻ جو خدشو آهي.