اشو آف دي ڊي اسان وٽ ٿين ساريون ٿيون اهي به کسجن پيون، پاڻي ڏيو : عوام جو مطالبو

0
176
اشو آف دي ڊي اسان وٽ ٿين ساريون ٿيون اهي به کسجن پيون، پاڻي ڏيو : عوام جو مطالبو

 پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو، سنڌ ايريگيشن ڊرينيج اٿارٽي حيدرآباد جو عام اطلاع وارو پيپر سوشل تي وائرل ٿي ويو آهي، جنهن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، عام اطلاع ۾ چيو ويو آهي ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي انتهائي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن ڪري ڦليلي ڪئنال سسٽم ۽ گوني ڪئنال سسٽم مان نڪرندڙ برانچن ۾ پاڻي نه اچي سگهندو، آبادگار سارين جو ٻيجارو يا پوکي وغيره نه پوکين ڇاڪاڻ ته گذريل پنجاهه سالن ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پهريون دفعو ايتري پاڻي جي شديد کوٽ ٿي پئي آهي، سارين جي پوکي يا ٻيجارو في الحال نه پوکيو وڃي. ڪاشف خواجه اهو ليٽر شيئر ڪندي لکيو ته هن ليٽر موجب ساريال جو فصل لاڙ ۾ ٿئي اهو ممڪن ناهي، هي خط اصلي آ يا نقلي؟ پر لاڙ ۾ پاڻي جي حقيقي صورتحال عام آبادگار هاري لا رت جا ڳوڙھا وسائڻ لا ڪافي آھي. جنهن تي حذب الله مڱريو لکيو ته هي بلڪل ليفث بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ طرفان جاري ڪيو ويو آهي ته جيئڻ پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارن کي امڪاني نقصان کان بچائي سگھجي،

غلام تقي سليماني لکيو ته پاڻي ڪڏهن ڏيندا، 4.5 مهينا ٿي ويا آهن، منصور زئور لکيو ته پاڻي جي انتهائي کوٽ سبب آبادگار سخت پريشاني جو شڪار آهن لاڙ سنڌ ۾ ته اڃا ٻج به ناهن پوکجي سگهيا، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي غريب ماروئڙن جو گذارو زراعت تي آهي جيڪو هن مهانگائي جي دور ۾ انهن وٽ وڏي اهميت رکي ٿو پاڻي ئي زندگي آهي، اي ڪريم هالو لکيو ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟ اسحاق دراني لکيو ته الله پاڪ رحم ڪري، ممتاز علي سميجو لکيو ته افسوس، جيڪڏهن جون ۾ ٻيجارو نٿو ٿي سگهي ته لاڙ خطي جو ڇا ٿيندو؟ عزادار ستار چانڊيو لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو،عاجز غلام علي ڪانڌڙو لکيو ته افسوس، پاڻي جي صورتحال سنگين حالت ٿي وئي آهي، الله پاڪ مدد ڪندو، يوسف جاني به اهڙو ليٽر شيئر ڪندي لکيو ته اسان اڃان به دانھون نه ڪريون…. اسان جو جياپو کسيو پيو وڃي…..هي سڀ اسان جي نه اٿڻ جو نتيجو آهي، جيڪي سوچيندا آهن ڪنهن وڏي احتجاج ۾ شرڪت ڪنداسين صاحب جن ڪاوڙجي پوندا،  هاڻ ته خدارا پنهنجن ٻچن لاءِ ته سجاڳ ٿيو،

اسان وٽ ٿين ساريون ٿيون اهي به کسجن پيون….نياز لکيو ته وڏو ظلم آھي پاڻ وٽ فصل هڪڙو ٿئي سارين جو هاڻ جي پاڻي بند ڪندا تنهن کان ايٽم بم هڻن پورا ٿيون، گيانچند ميگهواڙ ۽ عابد حسين لکيو ته اڃا ڪم گهڻو ڪندا، ذوالفقار واهوچو لکيو ته اصل ۾ سڀ پاڻي ڪراچي کي ڏيڻو اٿن ان ڪري اوهان جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، مدد راهمون لکيو ته ظلم آهي، حنيف نظاماڻي لکيو ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم هوندو، اسان سان ظلم ان ڪري ٿئي پيو جو اسان خاموش آهيون. عابد علي ميمڻ لکيو ته ظلم آهي عوام کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي پنهنجي جياپي لاءِ، مصطفيٰ اياز مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لٿو آسرو پاڻي جو !!!! هاڻ سوچيو چيٽ جو، جنهن تي رفينه لکيو ته حڪومت مان اھا ئي اميد آهي، مير عارف ٽالپر لکيو ته چيٽ پاڻ ڇھه ماھي وارا آھيون،

احمد ڪي چانڊيو لکيو ته ڀلا اھو حڪم اسان فقير آبادگارن لاءِ آهي يا رئيس وڏي لاءِ به؟ علي خان مهيري لکيو ته زرداري جي زمينن وارا واھه ڀريا تار پيا وهن، ٻڏي به لاڙ ته سڪي به لاڙ؟  اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 30 مئي سنڌ جي پاڻي ضروت هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ، اڄ گڊو تي 60 هزار هفتي کانپوءِ ٽيھه هزار ڪيوسڪ هوندو، جيڪو پيئڻ جيترو مس ٿيندو. پنجاب سمورا ڪئنال فل وهائي ڇڏيا.اچو ته فصل ۽ نسل بچايون. هٽڙي بائي پاس بند ڪريون.10 جون مناسب رهندو. جنهن تي ايوب کوسو لکيو ته هميشه لاءِ جان ڇڏائڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ جي گُهرج آهي، عباس رند لکيو ته سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيو ته ٺيڪ رهندو، محمد شريف ڀرڳڙي لکيو ته ٿورو اڳتي بارڊر تي، نثار احمد ڏيٿو لکيو ته خورشيد شاهه ڪيڏانهن ويو؟ محمد اڪرم کوسو، علي مراد شاهه، خليل درس، حيدر علي، عابد علي بنگلاڻي، عطاءُالرحمان ۽ ٻين پڻ پوسٽ سان اتفاق ڪيو.