اشو آف دي ڊي ڀٽائي جي درگاهه ۾ گھوڙو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
176
اشو آف دي ڊي ڀٽائي جي درگاهه ۾ گھوڙو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

 ڀٽائي جي درگاهه تي گهوڙو آڻڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ اهڙي عمل تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي، بحث پڻ هلي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو ان جي حمايت ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري مخالفت ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي جھالت آھي، ڀٽائي ھڪ صوفي شاعر آهي، درگاھه اندر گھوڙو آڻڻ درگاھه جي توهين آهي، خدارا ڪجھه سمجھه ڪريو، ڪجھه عقل ڪريو، ڀٽائي جي در تي اھڙيون حرڪتون نه ڪريو، جنهن تي جنهن تي فدا چانڊيو لکيو ته ڪجهه غلط ناهي ٿيو، عقيدتمند ذوالجناح وٺي ويندا آهن. علي حسن چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽائي سرڪار جي درگاھ اندر گھوڙو گھمائي راڳ شروع ڪرائڻ واري رسم غلط آهي، لطيف سائينءَ جي آسڻ تي گھوڙو گھمائي راڳ شروع ڪرڻ جي ناقابلِ برداشت رسم آھي، جنهن تي ولي محمد چانڊيو لکيو ته ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ مدي خارج رسمن خلاف بعاوت ڪئي آھي سدا۽ روشن خيالي جو درس ڏنو آھي، انهن حرڪتن کان لطيف کي پري رکو انهي حرڪت جو عوام کي ۽ انتظاميا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي،

ممتاز عباسي لکيو ته سخت نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي، اقرار پيرزادو لکيو ته پيٽ گذر لاءِ نوان سانگ رچائڻا ٿا پون، محمد حيات چانڊيو، صلاح الدين صديقي، علي دوست افسوس جو اظهار ڪيو، بيدل مسرور لکيو ته اڙي هي قھر ڏسو… بابا گهوڙي جو لطيف سائينءَ جي درگاھ سان ڪھڙي نسبت آهي؟ ميان ڏاها ٿيو… عنايت ميمڻ لکيو ته روز نوان رنگ نئيون چالون ته جيئن روزگار جا دروازا کلن،  جئين مزار کي اديبن دانشورن کان پري رکجي، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ثقافت کاتو ڪٿي ستل آهي جو ڀٽائي سرڪار جي چائنٺ تي گهوڙا پيا گهمن…..ڀٽائيءَ جي درگاهه ۾ گهوڙو آڻي راڳ بعد ۾ شروع ڪرائڻ جي نئين رسم جي ابتدا. ڀٽائي سرڪار اسانکي معاف ڪجان، هاڻي قوم جو شعور اتي اچي پهتو آهي…جنهن تي علي محمد جوڻيجو لکيو ته ان کي لطيف سائين جي خوديء جي فلسفي جي انحرافي چئجي، اقبال ميرجت افسوس جو اظهار ڪيو، احمد شاڪر لکيو ته جڏهن هيڏي شاهوڪار تهذب سوڙهي ٿي موجوده سنڌ تائين پهتي آهي ۽ اها به سنڌ غلام آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي شهه رڳ سنڌو درياهه به کنڀي گم ڪيو ويو آهي، زنده سنڌين کي مفلوج / اپاهج بڻايو ويو آهي ته اتي لطيف سائين جي مزار ڪٿي ٿي محفوظ رهي سگهي.

سعيد ميمڻ لکيو ته درگاهون ثقافت کاتي نه پر اوقاف کاتي وٽ آهن، جاويد شر لکيو ته اهو اوهان اجايو اشو بڻايو آهي، اهو ٻڌايو ته هاڻي لطيف سائين جي فڪر تي ڪو توهان پنهنجو ڪم ڏيکاريو يا اهي نام نهاد ڪامريڊ يا اديب جن دور حاضر ۾ ڪو ڪم ڪيو هجي ڪو رسالي جو نئون ڇاپو يا ڪو ٻيو مواد شايع ڪيو هجي ؟غني رند لکيو ته حڪومت، سول سوسائٽي، سياسي روشن خيال ڌريون ان اشو کي ختم ڪرائن، اشرف لغاري لکيو ته ھاڻ لطيف سائين کي قومي رھبر ۽ آفاقي شاعر واري رتبي تان ھٽائي ھڪ فرقي جو پيشوا بنايو پيو وڃي، داد رزاق جتوئي لکيو ته لطيف توکي دانهن آهي سنڌ بيگناهه آهي، قاسم ڪيهر لکيو ته گادي نشين ۽ ثقافت کاتي جي ذميواري آهي، مخدوم شمس لکيو ته وڏي بدنصيبي آهي جو پاڻ اڃا لطيف کي سمجهي ناهيون سگهيا، سڪندر بڙدي لکيو ته هي ڇا پيو ٿئي، نذير علي لکيو ته گادي نشين کي عرض ڪندس ته لطيف سرڪار هر مڪتبه فڪر جو درس ڏنو آهي، ان کي مذهبي فرقن ۾ نه ورهايو، انور عزيز چانڊيو لکيو ته ثقافت کاتي سوڌو سڀني سنڌين کي اڳيان اچڻ گهرجي،

مرشد ڀٽائي سنڌيت جو اهڃاڻ آهي. فقير اخلاق حسين ارباب لکيو ته توهان کي ڪنهن چيو آهي ان رسم جي باري ۾ ۽ درگاھ تي راڳ پنهنجي مقرر وقت تي رات ڏينهن جاري آهي.حيدر بخش نظاماڻي لکيو ته اهو سڀ قابل قبول نه آهي. راشد زرداري لکيو ته هي لطيف سرڪار جهڙي مهان شاعر بزرگ جي درگاھ جي توهين آهي ان تي سنڌ سرڪار کي فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي. مجاهد حسين سيد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀٽائي جي درگاھه ۾ گھوڙو…… اچي ٿي ڳالھ سمجھه ۾. جنهن تي علي رضا گبول لکيو ته اها ڀٽائي سرڪار جي درگاهه جي بي حرمتي آهي. قاضي آصف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن تصوير کي غور سان ڏسو، ڀٽ ڌڻي جي پڌر پٽ کي ڪو به آمر، جابر ڦٽائي نه سگهيو هي صدين کان جاري انسانيت جي پيغام جي امين، شاهه سائين جي ماڳ کي ڦٽائي، متنازع بڻائي در ئي بند ڪرائڻ چاهين ٿا، هاڻي ڀٽائي جي راڳ شروع ٿيڻ کان اڳ گهوڙي (ذوالجناح) کي ڀٽائي جي مزار تي اندر آڻي بيهاريو ويو آهي. ڀٽائي سڀني جو شاعر آهي، سموري انسان ذات جو، بنا ڪنهن مذهب ۽ فرقي جي فرق جي. حڪومت سنڌ ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند، شاهه لطيف جو اڱڻ اجاڙڻ جي هن گهري سازش کي ناڪام بڻائين، هي ڳالھه ڪنهن به فرقي جي خلاف نه سمجهڻ گهرجي، ايوب گل، حسين مسرت، شيربانو ڪاڪا، حسن پٺاڻ، مشتاق ميراڻي، مٺڻ سومرو، ديال صحرائي، محمد ايوب لطيفي ۽ ٻين پڻ ردعمل ڏيندي چيو ته درگاهه تي اهڙو عمل بند ٿيڻ گهرجي سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسحاق سومرو، عباس کوسو، بدرالدين، خليل قاضي، شهاب الدين، جاويد مهر، خليل عارف، رئوف عباسي، محبوب شيخ، حنيف سومرو، تانيه سليم ۽ ٻين پڻ پوسٽ تي ردعمل ڏيندي سنڌ سرڪار کان قدم کڻڻ جي گهر ڪئي.