خطرناڪ خان

عمران خان صاحب حڪومت مان نڪرڻ کان بعد بقول ان جي وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويو آھي. ائين خطرناڪ ٿيندي اسان نواز شريف کي پڻ ڏٺو ھو. خان صاحب جا حامي جلسن ۾، سوشل ميڊيا تي، ھر جاءِ تي ان سان گڏ جيئڻ مرڻ لاءِ تيار بيٺا آھن پر دل ئي دل ۾ اھي به اھو ڄاڻين ٿا ته ٿيو ڇا ھو، ٿي ڇا رھيو آھي. مگر اڃا ڪنھن کي اھا خبر ناھي ته ايندڙ ھفتي ٿيندو ڇا؟ خان صاحب ھاڻي ھڪ بيانيي جي سياست ڪري رھيو آھي ته ان جي حڪومت آمريڪا ڪيرائي. معاملو ھي آھي ته پاڪستان ۾ برادري، نسل، زبان ۽ علائقائي سياست ھجڻ جي ڪري ھاڻي مشڪل ئي آھي ته ڪا جماعت سادي اڪثريت حاصل ڪري. پي ٽي آءِ جي مدد ڪرڻ وارين طاقتن وڏي محنت سان ان جي حڪومت بڻائي ھئي مگر ھو پنھنجي ناقص ٽيم يا ڪنھن ٻي وجھه سان ڊليور نه ڪري سگھيو. اھا ئي مسئلي جي جڙ آھي، اگر پي ٽي آءِ حڪومت پنھنجي واعدن مان ڪو ھڪ واعدو به ڪنھن حد تائين ئي پورو ڪري ھا ته شايد باقي جي مدت به پوري ڪري وڃي ھا.

ياسر خاصخيلي/ حسين آباد، ڪوٽڏيجي

سڀ کان پهرين آهي انسانيت

انسانيت اڃا زنده آھي، انسان انسان کي ڪم اچي ٿو. لاڙڪاڻو جي سما خاندان جو فرزند تعليم دوست سماج سڌارڪ صابر حسين سمو کي جس هجي جنهن انسانيت ناتي نياڻي رخسار جوڻيجو  کي پنهنجو گردو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي. سچ پڇو صابر هڪ واقعي پنهنجي نالي جيان صابرن مان آھي. قرآن ڪريم اهڙن صابرن لاءِ چيو آھي ته: ان الله مع الصابرين. يعني مان الله صابرن يعني صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آھيان. سائين صابرحسين جي اهڙي بهترين عمل تي پوري سنڌ سندس واکاڻ ڪري ٿي.

سمير احمد بروهي واهي پانڌي ڪاڇو

اسان جو معاشرو ۽ بي انتھا سماجي برائيون!

 اسان جو معاشرو جيڪو بي حساب، بيشمار ۽ بي انتها سماجي برائين جو شڪار بڻجي ويو آھي. يا ايئن کڻي چئجي ته ان کي هٿ سان بڻايو ويو آھي تڏھن به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ۽ اھڙيون برائيون جيڪي اسان جي معاشري کي اڏوھي جيان اندران ئي اندران کوکلو ڪري رهيون آھن جنهن ۾ سڀ کان وڏي بيماري ڪنهن تي تهمت ھڻڻ يا وري ڳالھه ڳالھه تي ڪوڙ ھڻڻ، جنهن کانسواءِ شايد اڄ ڪلھه ڪنهن جو هاضمو نٿو ٿئي يا بي جواز ۽ بي سبب قسم کڻڻ وغيره وغيره. تهمت ياغيبت يا ڪنهن تي اجايو الزام هڻڻ جو مقصد ته ڪنهن ٻئي کي بنا ڪنهن سبب جي دنيا جي نظرن ۾ ڪيرائجي. مطلب ته تهمت هڻڻ ساڙ ڪرڻ ۽ بي سبب ڪنهن تي الزام هڻڻ معاشري ۾ مستقل مزاجي اختيار ڪري چڪو آھي. تهمت ۽ غيبت هڪ اهڙي بڇڙي بيماري آھي ته جنهن جي اصل ۾ ڪا حقيقيت به ناهي هوندي پر پوءِ به ان کي هٿ سان حقيقيت جو روپ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. سماج ڪيترو سفاڪ، ظالم ۽ بدمزاج ٿي رهيو آھي، ظلم ۽ بربريت خطرناڪ صورتن  ۾ عام ٿي چڪي آھي. ڪنهن جي زندگي برباد ڪرڻ، ڪنهن جو گهر اجاڙڻ، ڪنهن جي عزت سان کيڏڻ يا لتاڙڻ اسان جي معاشري ۾ماڻهن جو معمول بڻجي ويو آھي. اهڙي ڪا سماجي برائي ناهي جيڪا اسان منجهه ناهي. اسان هن دور جا انسان نه بلڪ آدم خور بڻجي ويا آھيون. اسان کي اهو سوچڻ جي اشد ضرورت آھي ته ڪنهن به هڪ انسان جي بربادي سڄي معاشري جي بربادي آھي. اسان پنهنجي اندر انهن برائين جي پرورش ڪري رهيا آھيون.

انجنيئر وسيم چنه/سيوهڻ

مهانگائي جي طوفان ۾ غريب عوام کي رليف ڪير ڏيندو؟

حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽرول جو اگهه 30 رپيا ليٽر وڌائي غريب عوام کي ٻيهر ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خميس واري ڏينهن وفاقي حڪومت جي اهڙي اعلان کانپوءِ پوري ملڪ جي ميڊيا تي پيٽرل جي اگهن ۾ واڌ بابت تبصرا، تجزيا ۽ ڪاوڙ ڪئي پئي وڃي. موجوده حڪومت موجب اڳوڻي حڪومت معاشي طور تي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو جنهن سبب تيل جي قيمتن ۾ مجبوري ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. عوام ڏينهو ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، حڪومت پنهنجي ڪاميابين جا دفتر بيان ڪري رهي آهي. پر زميني حقيقتون ٻڌائن ٿيون ته عوام کي رليف ملڻ بدران وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت جي ٽن سالن واري ڪارڪردگي تي نظر ڊوڙائبي ته ڪو اهڙو شعبو نظر نه ايندو جنهن ۾ ڪا ايڏي وڏي ڪاميابي ملي هجي، جنهن سان ڪنهن غريب ۽ عام ماڻهو کي ڪو فائدو ٿيو هجي. گذريل حڪومت ۾ پي ٽي آءِ جڏهن اقتدار ۾ آهي هئي ته اعلان ڪيو ويو هو ته ڪرپشن کي ختم ڪيو ويندو پر ڇا ٿيو؟ انهن سڀني مسئلن جي گذريل حڪومت پاڙ هئي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشينل جي جيڪا رپورٽ آئي هئي ان ۾ ٻڌايو ويو هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بدران  وڌي وئي آهي. هڪ غريب ۽ عام ماڻهو جو اصل مسئلو ئي پنهنجي حياتي جي گاڏي کي هلائڻ آهي. سموري ملڪ ۾ ڪافي وقت کان ٿيندڙ مهانگائي جي ڪري هڪ عام غريب ماڻهو  جو ته گذارو ممڪن ئي نه آهي پر وچولي طبقي جي ماڻهن جي لاءِ به عزت سان زندگي جي معاملن کي هلائڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي. موجوده وفاقي حڪومت کي گهرجي ته عوام جي لاءِ ڪو اهڙو رليف جو پروگرام تيار ڪري ته جيئن هاڻوڪين قيمتن ۽ اگهن ۾ ٿيل اضافي واري بوجهه کان عوام جي ڪجهه بچت ٿي سگهي.

غلام رحيم جوڻيجو/موکار، مٺي

نوان استاد ڀرتي ڀلي ڪريو پر ڪيئي سال اڳ ٽيسٽ پاس ڪندڙن کي به نوڪريون ڏيو!

جيئن ته هن وقت توهان پرائمري ماستر جي ڀرتين لاءِ نئي ٽيسٽ ڪري ان جا آفر آرڊر سڄي سنڌ ۾ جاري ڪيا آهن. اهو سٺو عمل ٿيو آهي پر جن جون پراڻيون آءِ بي اي ٽيسٽون پاس ڪيل آهن انهن کي ته خدارا کڻو ۽ نوڪريون ڏيو. انهن کي به آفر آرڊر جاري ڪري ڏيو. اهي اميدوار ايترا گهڻا به نه آهن ٿورا آهن. هڪڙا اميدوار 08-2007ع ۾ رهجي ويا هئا ٻيا 2009ع جا رهيل آهن جڏهن ته 2013ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي به نوڪريون نه مليون آهن. اسان 08-2007ع ۾ آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ پاس ڪئي هئي، ان جي واءِ وا به ڪئي وئي پر ان جي باوجود اڃا تائين اسان کي ڪو به آرڊر نه ڏنا ويا آهن. اسان نوڪرين کان اڃا تائين رهيا پيا آهيون. اسان جي توهان کي اپيل آهي ته غريبن جا ڪم ڪريو، ٻين جي ڀلائي جا ڪم ڪريو. اسان سڀ نوڪرين جا حقدار آهيون. اسان جي اپيل آهي ته اسان کي نوڪريون ڏئي جلسا جلوس ۽ مظاهرا ڪرڻ کان بچايو. اسان کي بيروزگاري واري زندگي مان نجات ڏياري وڃي.

امير بخش مهر/ماتلي

تعلقي ٽنڊي آدم ۾ لانڍي – خيروڪلوئي روڊ تي سم نالي جي پل ٺهرايو

اهو 80 جو ڏهاڪو هو جو سنڌ جي زرخيز زمينن جي سيني کي چيري سم نالو ڪڍيو ويو جنهن کي هاڻ لفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين ايل بي او ڊي چيو وڃي ٿو. اسان جي ضلعي سانگهڙ ۾ به هي سم نالو گذري ٿو. ٽنڊي آدم تعلقي ۾ واقع ڳوٺ خيروڪلوئي کان روڊ ٺاهيو ويو هو جيڪو هڪ پاسي لانڍي بس اسٽاپ وسيلي سانگهڙ شهدادپور روڊ سان ملي ٿو ته ٻئي پاسي تاريخي شهر منصوره تائين وڃي ان جي وچان ٽنڊو آدم جهول روڊ تئائين وڃي ٿو. ان دور ۾ سم نالي تان روڊ گذارڻ لاءِ هڪ پل ٺاهي وئي هئي جنهن جي ٺهڻ کانپوءِ ڪا به مرمت نه ڪئي وئي ۽ هاڻ اها پل ڊهي چڪي آهي. پل جون نه ته ڀتيون سلامت آهن ۽ نه ئي پل تان جو ترو ئي موجود آهي. پل ۾ هنڌان هنڌان کڏا پئجي چڪا آهن جنهن ڪري ڪا به فور ويل گاڏي هن پل تان گذري نه ٿي سگهي. جڏهن ته موٽر سائيڪلون گذارڻ به محال آهي. پل زبون ٿيڻ جي ڪري روزانو حادثا ٿين ٿا ۽ ماڻهو سم نالي ۾ ڪري معذور ٿي رهيا آهن. هن پل ٺهڻ کي 40 سالن جو عرصو گذري چڪو آهي پر  صوبائي هاءِ ويز کاتو يا اسڪارپ کاتو جيڪو سم نالي کي هلائڻ جو پابند آهي ان ڪو ڪم ڪرايو آهي. هن وقت مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن ۽ امير اميدوارن جون گاڏيون اچڻيون وڃڻيون آهن پر انهن کي به هي رستو ۽ پل نظر نه پئي اچي. انهن کي به سندن ساٿي پري کان گذاري ٿا وڃن پر کين سوچڻ گهرجي ته غريب عوام جيڪو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي اهو ايترو ڦيرو ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟ اسان جي حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ ٽنڊي آدم جي سياسي اڳواڻن کي اپيل آهي ته هي پل ٺهرائي ڏني وڃي ته جيئن عوام جون حياتيون به بچن ۽ انهن جي اهنجن ۾ به گهٽتائي اچي.

عبدالشڪور/ ٽنڊو آم

کرڙي-سوئي گيس روڊ جي حالت خراب

ھن جديد دور ۾ جتي دنيا جا ٻيا ملڪ اتان جي عوام کي ھر سھولت مھيا ڪن ٿا پر افسوس تعلقي ٺري ميرواھ شھر سوئي گئس کان کرڙي ڏي ويندڙ روڊ جيڪو ھتان چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني جي ڪري زبون حال جو شڪار آھي. ھن روڊ سان گذرندڙ رھواسي حادثن جو شڪار ٿين پيا. هتان جي عوام جو مطالبو آھي جلد کان جلد روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي.

ايس ايم بلوچ/ ڳوٺ استاد محمد علي شر

حڪيم محمد احسان ابڙو: وڇڙيا آهيو پر وسريا ناهيو

هڪ سال اڳ حڪيم محمد احسان ابڙو ملوي اسان کان وڇڙي ويو هو. هو ھڪ بھترين عالم، نبض شناس حڪيم ۽ صوفي منش شخصيت جو مالڪ ھو. سندس وڇوڙي کي سال ٿي ويو آهي پر اڃا به اعتبار نه ٿو اچي ته هو ڪو اسان وچ ۾ نه رهيو آهي. حڪيم صاحب ظاھري علم سنڌ جي مشھور عالم مفتي محمد قاسم مشوري کان حاصل ڪيو ۽ جندي ديري جي مدرسي ۾ مولوي مبارڪ ڀُٽي ۽ مولوي حميد الله انڙ (جيڪو يوسي چيرمين پڻ رھيو) وٽان حاصل ڪيائون ۽ حڪمت پاڻ ڪتاب پڙھي سکيائون جيڪي سندس چاچي حڪيم مولوي محمد سليمان (جيڪو پڻ ھڪ اعلى پايي جو حڪيم، شاعر،  مدرس ۽ ليکڪ ۽ پڻ خلافت تحريڪ جو ميمبر رھيو جو پاڻ لاڙڪاڻي ۾ جيڪا خلافت تحريڪ جي گڏجاڻي ٿي انھي ۾ پڻ شرڪت ڪيائون جتي مھاتما گانڌي، مولانا آزاد ۽ ٻيون برصغير جون شخصيتون آيون ھيون.) جا لکيل ھئا ۽ چڱو عرصو  سنڌ جي مشھور حڪيم سيد علي شاھ جي خدمت ۾ رھي سکيائون. سندن مرشد سيد محمد شاھ ھو. حڪيم محمد احسان ملوي روزي ۽ نماز جو پورو پابند ۽ ايمان عقيدي وارو  شخص ھو. وڏو بھادر ۽ مڙس ماڻھو ھو جو وڏيرن کان  ۽ پاڻ کي ڊنگ سڏرائڻ وارن کان ڀي  پنھنجو حق  ورتائين. عمدہ نويس ڀي ھيو.  سندن وفات رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾ ڀلاري جمعي جي ڏينھن بوقت روزي جي افطاري کان ڪجھه وقت اڳ روزي جي حالت ۾ ٿي. دعا آهي ته الله تعاليٰ مٿن رحمتون ڪري.

مسڪين سرمد ابڙو

 تيل اگهن ۾ 30 رپيا واڌ- بجيٽ ڪيتري ظالم هوندي!

بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڏتڙيل عوام تي حڪومت کي ڪوبه ڪياس نه آيو آهي ۽ بجيٽ کان 13 ڏينهن اڳ ئي تيل اگهن ۾ تاريخي واڌ ڪري عوام جا حواس خطا ڪيا ويا آهن. گذريل سال جڏهن سال22-2021ع  جي بجيٽ پيش ڪئي پئي وئي ته اسان ان وقت ئي دانهون ڪيون هيون ته بجيٽ عوام دشمن آهي ۽ ڪو رليف نه ڏنو ويو آهي، خير ان وقت ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي پر هاڻ ته اها ظالم حڪومت ختم ٿي چڪي آهي پر پوءِ به عوام رليف کان محروم آهي ۽ غريب طبقو سخت پريشان آهي. هاڻ ته اهو سوچي سوچي پريـشان آهيون ته بجيٽ ۾ حڪومت عوام سان ڪهڙي حالت ڪندي؟ هڪڙا ظالم ويا ته ٻيا آيا آهن ان مان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيو آهي. باقي سرڪاري ملازمن توڙي پينشن ھولڊرز کي رليف ڏنو ويو  اگر سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿئي ٿي ته ان سان انهن جو فائدو ٿيندو ۽ هو مهانگائي کي ڪجهه منهن ڏيڻ جي لائق بڻجي ويندا پر انهن جو ڇا ٿيندو جيڪي پگهاردار ۽ سرڪاري ملازم نه آهن. جيڪڏهن حڪومت ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي ته پوءِ غراب عوام لاءِ ٻيو نه  ته روز مرھ جي شين اٽو، گيهھ، چانور، پئٽرول سميت مختلف شين ۾ 20 سيڪڙو رعايت لازمي طور ڏني وڃي. تيل اگهن ۾ ڪيل واڌ کانپوءِ هر شي مهانگي ٿي چڪي آهي حڪومت پاران پيش ڪيل سالياني بجيٽ کي ڏسندي ڏتڙيل ‘ بکايل عوام جي دلين مان فقط اهي لفظ نڪرندا  ته؛

” پڇون آخر پڇون ڪنهن کان اسان جو ڏوھ ڪھڙو آ”

ڇا سرڪاري ملازم انسان ۽ غريب عوام ڪو نانگ آهي جو مٽي تي گذارو ڪندو؟ سياڻن جي چوڻ مطابق “ھر شاخ تي الو ويٺل آ” جيڪو سوا پنهنجا بينڪ بيلنس ڀرڻ جي ٻيو ڪوبه ڪردار ادا نه ٿو ڪري. پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو عوام مٿان بم پڻ ڪيرائڻ آهي ‘ ٻين ملڪن جي حڪومت عوام کي ڏينهنون ڏينهن اسمارٽ پرسن ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آهي ته ٻئي پاسي اسان جي ملڪي حڪومت پئٽرول جي قيمتن ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو ڪري عوام کي ھڪ سو سال پوئتي ڌڪي ھڪ دفعو ٻيھر شايد بيل گاڏين واري دور ڏانهن ڌڪي رھي آهي. حڪومت کان پرزول اپيل آهي ته غريب عوام سان انصاف ڪري رليف فراھم ڪيو وڃي .

زوھيب نظام تمراڻي

اليڪشن ۾ پ پ ڇا جي ڪري ڪاميابي ماڻي ٿي؟؟

جيئن ته اسان ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ رھون ٿا ۽ پ پ جي ناانصافين، ڏاڍ، ظلم کان واقف ھونداسين ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا ائين پيا ڏس ڏين جيئن اسان اوڻيھ سئو اوندھ واري دور ۾ رھون ٿا. جي اگر اسپتالن ۾ وڃ ته اتي ڊاڪٽر ناهن، اگر ڊاڪٽر آهن ته دوا ناهي. شرم جھڙي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ايمبولنس ناهي. مطلب ته انسان کي جيئري سک ته نه ٿو ڏنو وڃي مئل کي به نٿا بخشين. ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اهڙي صورتحال باوجود پ پ ھر اليڪشن ۾ ڇو پئي کٽي؟ ان جا ٽي سبب آهن ھڪڙو ته ماڻھن ۾ شعور ناهي. وڏيرن سردارن جي نالي تي اڳم ئي  ووٽ ڪري ٿا ڇڏين. ٻيو ته اسان وٽ قانون غريبن لاءِ الڳ آهي ۽ اميرن لاءِ الڳ. اگر ڪو وڏيري ۽ سردار کي ٺپ جواب ٿو ڏي ووٽ کان ته وڏيرا ان تي ڪوڙن ڪيسن جون ڌمڪيون ڏئي ووٽ وٺي ٿا وڃن. ٽيون سبب جنهن کان اسان ناواقف آھيون ته ھڪڙو پ پ جو اميدوار بيھي  ٿو ته ان جي خلاف ڇھه ٻيا اميدوار ميدان ۾ اچي وڃن ٿا. فرض ڪريو ته 5000 ووٽ آهن تنهن مان پ پ جي اميدوار 2000 ووٽ کنيا ۽ ٻين سڀني  500 -500 ووٽ کنيا ٽوٽل ووٽ ٿيا 3000 ھزار. ھتي اگر ڪو ھڪڙو اتحاد ڪري بيھي ھا ته اھو بنا مقابلي کٽي وڃي ھا. ٿورو سوچي ڏسو ڪٿي اھو اوھان جي ڳوٺ ۾ ته ناھي.

ياسين سنڌي

پنهنجن پڙهندڙن کي دعوت !

توهان جي ذهن ۾ ڪا سوچ آهي يا  ڪا لوچ آهي، جنهن کي عوام تائين پهچائڻ چاهيو ٿا؟ توهان جي علائقي جا مسئلا آهن جيڪي حل نه ٿا ٿين ۽ توهان اهي مسئلا پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته قلم کڻو،  پنهنجا تاثر ۽ چٺيون اسان ڏانهن اماڻيو اسان توهان جا خيال اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين. پنهنجون لکڻيون مختصر نموني [email protected] تي اي ميل ڪريو يا روزاني پنهنجي اخبار جي هيڊآفيس پلاٽ نمبر D/61 جامي ڪمرشل، اسٽريٽ نمبر 7، فيز 7 ڊي ايچ اي ڪراچي تي پوسٽ وسيلي اماڻيو.

چٺي اماڻڻ لاءِ هدايتون

چٺي مختصر پر جامع نموني لکيل هجڻ گهرجي

اخلاقي ۽ قانوني حدون  اورنگهڻ نه گهرجن

چٺي جي هيٺان پنهنجو نالو ۽ شهر جو نالولکو.

شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ هڪ عدد فوٽو به اماڻيو.

چٺي جي موضوع سان لاڳاپيل  فوٽو به اماڻي سگهجن ٿا پر اهي اداري جي پاليسي موجب ۽ جاءِ هجڻ جي صورت ۾ لڳايا ويندا.

چٺي رڳو پنهنجي اخبار ڏانهن ئي اماڻي وڃي. ساڳيو مواد ٻين اخبارن ڏانهن اماڻڻ جي صورت ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

ادارو چٺي ۾ ايڊيٽنگ جو حق محفوظ رکي ٿو.       ادارو