اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ ڀاوي جو تڙ ۽ مهاوي جو تڙ جي رهواسين سائينو سنڌ ڪمپني جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،ڳوٺاڻن نرسينگ ڀيل،گانگو ڀيل،پنهون ڀيل،سومون ڀيل،ڪستورو ڀيل،کيمون ڀيل،موڙو ڀيل،هرچند ڀيل،محبتون ڀيل ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته سائينو سنڌ ڪمپني اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،اسان جي ٻنهي ڳوٺن جو هڪ قبرستان آهي،ڪمپني عملدارن قبرستان اندر بلڊور هلائي اسان جي وڏڙن جون قبرون مسمار ڪري ڇڏيون آهن، اسان کي بنا جواز تنگ ڪيو پيو وڃي.