بودرفارم (ن پ ا) بودرفارم لڳ ڳوٺ منرو ميگهواڙ ۾  سماجي تنظيم انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي پاران ٻوڏ متاثر علائقن جي ٻارڙن  جي تحفظ ۽  چائيلڊ پروٽيڪشن جي حوالي سان ڳوٺاڻي سطح تي  سيمينار ڪرايو، جنهن ۾ عورتن، ٻارڙن ۽ علائقي جي معززن وڏي انگ۾شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ مختلف سينٽرن مان آيل ٻارڙن تقريرون ۽ معاشري۾موجوده حالتن تي ڊراما ۽ ٽيبلوز به پيش ڪيا، ان موقعي تي مقررن سروپچند مالھي، شيوارام، گل منير ولھاري، عبدالغني ھاليپوٽو بنسي مالھي، مير محمد رند  صباح رحيمان خطاب ڪندي چيو ته  ٻار اسان جي معاشري جو بنياد آهن، انهن سان پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ ھر فورم تي آواز اٿاريو ويندو، ٻارڙن کان پورھيو ڪرائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.