اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻه معصوم ٻارڙيون کڏي ۾ ڪري فوت

0
443

اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان هان ڏاريندڙ واقعو، ٻه معصوم ٻارڙيون کڏي ۾ ڪري ٻڏي فوت، ڳوٺ ٿاريو هاليپوٽا ۾ ٻه سئوٽ معصوم ٻارڙيون 5 ورهين جي عضما ڌي محمد رحيم ۽ 4 ورهين جي فضا ڌي جيئڻ هاليپوٽو گهر ٻاهران کڏي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويون، ٻارڙين کي وارث اسلام ڪوٽ اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ٻارڙيون گهر ٻاهران راند ڪندي باٿروم جي ٺهيل کڏي ۾ ڪري پيون، ٻين ٻارن جي رڙين تي وارثن ٻارڙين کي ٻاهر ڪڍيو، واقعي بعد اسپتال ۾ ماءُ ۽ پيءَ ٻارڙين کي چنڀڙي هنجون هاريندا رهيا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙيون ٻئي سڳيون سئوٽ آهن.