پاڻي اندر انوکي پوسٽ آفيس جا سموري دنيا ۾ چرچا، واٽرپروف ڪارڊز استعمال

0
395

پورٽ ولا(دلچسپ نيوز) پاڻي اندر انوکي پوسٽ آفيس جا سموري دنيا ۾ چرچا، واٽرپروف ڪارڊز استعمال ڪيا وڃن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پيسفڪ سمنڊ جي ڏکڻ ۾ موجود ملڪ وينو واٽو جي ٻيٽ هائيڊوي ويجهو 2003 پوسٽ آفيس قائم ڪئي وئي هئي جيڪا اڄ به سرگرم آهي،10 فوٽ اونهي پاڻي ۾ قائم ڪيل ان انوکي پوسٽ آفيس ۾ واٽرپروف پوسٽ ڪارڊ ۽ مهرون استعمال ٿين ٿيون جڏهن ته ان انوکي پوسٽ آفيس مان سموري دنيا ۾ خط ۽ ٻيون شيون موڪلي سگهجن ٿيون، ڊراپ باڪس به لڳايو ويو آهي، جيڪڏهن پوسٽ آفيس تي عملو موجود نه هجي ته صارف پوسٽ ڪارڊ ڊراپ باڪس ۾ وجهي سگهن ٿا، پوسٽ آفيس ۾ بلو يا ڪاري رنگ جي مس استعمال ڪرڻ بدران هڪ خاص قسم جي مهر لڳائي ويندي آهي. پوسٽ آفيس ّريعي سموري دنيا ۾ تحفا، سرڪاري دستاويز، خط، ٽونسز ۽ ٻيون شيون اماڻيون وڃن ٿيون. پوسٽ آفيس سرڪاري نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.