اسلام آباد (بيورورپورٽ) قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انڪشاف ڪيو آهي ته يونيورسٽي ٻاهران ڪجهه هَٽ آهن جن ۾ منشيات وڪرو ٿيندي آهي، ڪجهه مالڪ به ان وڪري ۾ملوث آهن. قومي اسيمبلي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري ڪاميٽي ۾ هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جي 700 ايڪڙ زمين تي به قبضو آهي. ان موقعي تي اينٽي نارڪوٽڪس واري وزير اعجاز شاهه جو چوڻ هو ته جنهن ملڪ ۾ کنڊ، اٽو، دال نٿي ملي اتي اينٽي نارڪوٽڪس کي ڪهڙي ترجيح ملندي. هن چيو ته اسان وٽ ڪو به بحالي سينٽر ناهي، پنجاب جي وڏي وزير 3 مهينا گهريا هئا هن وقت تائين هڪ به بحالي سينٽر ناهي ٺهيو. هن ٻڌايو ته نئين قانون ۾ ڀنگ ۽ چرس جهڙي منشيات تي ڪيس وڌايا ويا آهن.