ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ 15 کان 27 نومبر تائين 9 مهينن کان 15 سالن جي ٻارڙن کي ارڙي جي خاتمي ۽ روبيلا جا ٽڪا لڳائڻ واري مهم شروع ڪئي ويندي. ان حوالي سان ڪالهه ڊبليو ايچ او، يونيسيف ۽ گاوي جي نمائندن تي ٻڌل وفد تعيم واري صوبائي وزير سردار شاهه ۽ صحت جي پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران قاسم سراج سومرو چيو ته ڄاڻايل عمر وارن ٻارن جو وڏو انگ اسڪولن ۾ آهي، ان ڪري تعليم کاتي جي اختيارين کان به مهم مدد گھربل هوندي. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير سهڪار جي خاطري ڪرائي.