اسلام آباد: جامعه حفصه تي طالبان جا جهنڊا لڳايا ويا، انتظاميه پاران ڪارروائي جو فيصلو!!-

0
504

اسلام آباد: اسلام آباد جي مشهور لال مسجد جي جامعه حفصه تي طالبان جا جھنڊا لڳايا ويا آهن جڏهن ته انتظاميه پاران ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

مسجد جي ترجمان موجب خطيب لال مسجد ۽ حفصه يونيورسٽي جي سپرنٽينڊنٽ مولانا عبدالعزيز غازي پڻ اعلان ڪيو آهي ته سڀاڻي لال مسجد ۾ شريعت جي نفاذ ۽ فتح مبين بابت ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي.

هوڏانهن اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزه شفقات چيو آهي ته اسان کي ان بابت ڄاڻ ملي آهي ۽ اسلام آباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جون ٽيمون واقعي واري هنڌ موڪليون ويون آهن.

هن چيو ته اهڙن جهنڊن کي لڳائڻ جي ڪنهن به حالت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي ان ڪري اهي جهنڊا هي هٽايا ويندا ۽ انهن کي لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.