سکر: شڪارپور مان بازياب ڪرايل ٻارڙو والد جي حوالي

0
233

سکر(ن پ ا) سکر جي عدالت تي حڪم بعد بازياب ڪرايول ٻاڙو والد جي حوالي ڪيو ويو آهي، شڪارپور جي ڪچي واري علائقي جي رهواسي شيرل ڌيمو جي پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٻڌڻي ٿي.

ان موقعي پوليس پاران 16 سالن جي نينگر کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ ٻارڙي کي سندس والد حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، نينگر جي والد شيرل جو چوڻ آهي ته منهنجي گهر واري کي ساهرن قتل ڪري ٻارڙي کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو.