اسرائيل جي اسپتال ۽ ڪئمپ تي بمباري، ڀاڄ، ٻن ڀائرن سميت وڌيڪ 183 فلسطيني شهيد، 377 زخمي

0
132

غزه(م ڊ) غزه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 183 ڄڻا شهيد ۽ 377 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿي پيا، اهڙي ريت هيل تائين مارجي ويل شهيد فلسطينين جو انگ 26 هزار کان ٽپي ويو. ميڊيا رپورٽس موجب اسرائيلي فوج خان يونس شهر ۾ مهاجرن جي ڪيمپ ۽ عوامي سهولتن جي مرڪز تي شيلنگ ڪئي جڏهن ته الامل اسپتال تي فائرنگ سان اتي موجود ماڻهو اسپتال ڇڏي ويا. اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 2 ڀائر به شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ غزه تي زميني ۽ هوائي حملن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسرائيلي فوج پوري غزه ۾ زميني ۽ هوائي حملا جاري رکيا آهن، يهودي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملن ۾ آپريشنز سينٽرز ۽ هٿيارن جا گودام ۽ اينٽي ٽينڪ پوسٽون به تباهه ڪيون ويون آهن جيڪي فلسطيني استعمال ڪري رهيا هئا

هن کي به پڙهندا

انصاف واري عالمي عدالت به جنگبندي نه ڪرائي سگهي، اسرائيل خلاف فلسطيني مارڻ تي ڪيس هلائڻ جو اعلان، نسل ڪشي روڪڻ جو حڪم