انصاف واري عالمي عدالت به جنگبندي نه ڪرائي سگهي، اسرائيل خلاف فلسطيني مارڻ تي ڪيس هلائڻ جو اعلان، نسل ڪشي روڪڻ جو حڪم

0
116
انصاف واري عالمي عدالت به جنگبندي نه ڪرائي سگهي، اسرائيل خلاف فلسطيني مارڻ تي ڪيس هلائڻ جو اعلان، نسل ڪشي روڪڻ جو حڪم
انصاف واري عالمي عدالت به جنگبندي نه ڪرائي سگهي، اسرائيل خلاف فلسطيني مارڻ تي ڪيس هلائڻ جو اعلان، نسل ڪشي روڪڻ جو حڪم

دي هيگ(م ڊ) انصاف واري عالمي عدالت فلسطينين جي نسل ڪشي ڪيس واري فيصلي ۾ ڏکڻ آفريڪا جي لڳايل الزامن کي درست قرار ڏيندي ڪيس نه ٻڌڻ واري اسرائيلي درخواست رد ڪندي بيگناهه ماڻهو مارڻ جو ڪيس هلائڻ ۽ غزه ۾ نسل ڪشي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عالمي عدالت انصاف جي 15 ججن فيصلي جي حمايت ڪئي ٻن مخالفت ڪئي ، انصاف واري عالمي عدالت هنگامي حڪم 2/15 تان منظور ٿيا، جڏهن ته جنگبندي تي ڪوبه حڪم نه ڏنو ويو. عدالت اسرائيل کي حڪم ڏيندي چيو ته اسرائيلي فورسز نسل ڪشي جا قدم روڪي ۽ اسرائيل اڄ جي حڪم موجب پنهنجي قدمن جي رپورٽ جمع ڪرائي، اسرائيل غزه ۾ انساني امداد پهچائي ۽ صورتحال بهتر بڻائي. انصاف واري عالمي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته اسرائيل عدالتي حڪم موجب قدمن جي رپورٽ هڪ مهيني ۾ جمع ڪرائي، غزه جي تڪرار ۾ شامل سموريون ڌريون عدالت جون پابند آهن. انصاف جي عالمي عدالت عبوري فيصلي ۾ چيو ته اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي بابت ڏکڻ آفريقا جي الزامن مان ڪجهه درست آهن. انصاف جي عالمي عدالت فيصلي ۾ چيو آهي حماس جي حملي جي جواب ۾ اسرائيلي حملن ۾ گھڻو جاني ۽ انفرااسٽڪچر نقصان ٿيو آهي، گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ادارن اسرائيلي حملن جي خلاف ٺهراءَ پيش ڪيا آهن. انصاف جي عالمي عدالت غزا ۾ انساني نقصان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڏي پيماني تي شهرين جون حياتيون ضايع ٿيون ۽ عدالت غزا ۾ انساني الميي جي حد کان آگاهه آهي. انصاف جي عالمي عدالت قرار ڏنو ته ڏکڻ آفريقا جي لڳايل الزامن مان ڪجهه درست آهن ۽ اسرائيل جي خلاف نسل ڪشي ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ عدالت جي اختيار جي دائري ۾ آهي. عدالت غزا نسل ڪشي ڪيس معطل ڪرڻ جي اسرائيلي درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته اسرائيل خلاف نسل ڪشي ڪيس خارج نه ڪنداسين، اسرائيل جي خلاف نسل ڪشي ڪيس جي گھڻا ثبوت موجود آهن، اسرائيل جي خلاف ڪجهه الزام نسل ڪشي ڪنوينشن جي قلمن ۾ اچن ٿا. انصاف جي عالمي عدالت چيو ته غزا تباهي جي ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي، گڏيل قومن موجب غزا رهڻ جوڳو نه رهيو آهي، 7 آڪٽوبر آڪٽوبر کان پوءِ غزا ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي، هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ 63 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، اسرائيل جي فوجي حملن سبب غزا ۾ ماڻهو مارجي ويا، تباهي ۽ لڏ پلاڻ ٿي آهي