ميرپورماٿيلو: نينگري سان مبينا زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدارن پاڻ مٿان لڳل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. الزام هيٺ آيل جوابدار جي ڀاءُ صدر الدين گبول صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجي ڀاڻيجي مٿان نينگري سان زيادتي جو الزام ڪوڙو آھي جڏهن ته الزام هڻندڙ وٽ  ٻاهرين علائقن جا ماڻهو ايندا هئا اسان جي روڪڻ تي هو اهي اسان مٿان ڪاوڙيل هئا جنهن ڪري انهن اسان مٿان ڪوڙا الزام هنيا آھن ميڊيڪل رپورٽ ڪرائي وڃي سچ سامهون اچي ويندو.