ميرپورماٿيلو: الزام هيٺ آيل ڌر جي 10 کان وڌيڪ جوابدارن متاثر نينگري جي امڙ تي پڻ تشدد ڪيو، اھڙي وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آھي، مبينا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻيل نينگري جي امڙ رضيه ملڪ تي گھر ٻاھريان حملو ڪري کيس تشدد ڪري زخمي ڪيو ويو، جنهن  کي پڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي عورت الزام هنيو ته ڌيءَ سان زيادتي جي ٿاڻي تي دانهن ڏيڻ تي بااثر جوابدارن گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو بڻايو،