ماسڪو(م ڊ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي ملڪ جي ڪورونا وائرس کي جنگي هٿيار ڪلاشنڪوف جيترو ئي ڀروسي جي قابل قرار ڏنو آهي. پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته اسان جي ويڪسين (اسپوٽنڪ فائيو) کي سڄي دنيا سڃاڻي ٿي، اڄ ان لسٽ ۾ اسپوٽنڪ لائٽ به شامل ٿي وئي آهي. اسان جي ويڪسين ڏهاڪن کان استعمال ٿي رهي آهي جيڪا ٽيڪنالاجي ۽ پليٽ فارم ٿي مشتمل آهي. هن چيو ته اڄ اسان جي ويڪسين سڀ کان وڌيڪ اعتماد لائق، محفوظ ۽ جديد آهي، هن چيو ته هڪ يورپي اسپيشلسٽ چيو آهي ته اسان جي ويڪسين به ائين کي اعتماد جي قابل آهي جيئن ڪلاشنڪوف، اها ڳالهه آئون نه پيو چوان پر يورپي ماهر چئي رهيو آهي. مون کي لڳي ٿو ته هو ٺيڪ ٿو چوي اسان جي ويڪسين ڪلاشنڪوف جيان آسان ۽ محفوظ آهي.